سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2024ع تحت ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ورتي ويئي، 900 کان وڌيڪ اميدوارن جي شرڪت

سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2024ع ۾ 34 ايم فل ۽ 28 پي ايڇ ڊي تعليمي شعبن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ورتي ويئي، جنهن ۾ ڪل 918 اميدوارن حصو ورتو، جن ۾ 784 ايم فل ۽ 134 پي ايڇ ڊي اميدوار شامل هئا. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس جو پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ، سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جو ڊين ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور، ايجوڪيشن فئڪلٽيءَ جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي، ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن فئڪلٽيءَ جو ڊين ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي فئڪلٽيءَ جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر ۽ سينڊيڪٽ ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، اوريڪ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عقيل احمد ڀٽو، سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر اميد علي رند، عبدالرحمان نانگراج، سيمسٽر امتحانن وارو ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي زيدي، ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر الطاف نظاماڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو ٽيسٽ لاءِ قائم ڪيل مرڪزن جو دورو ڪري امتحاني عمل جو جائزو ورتو ۽ اميدوارن کان سندن پرچن بابت پڇاڳاڇا پڻ ڪئي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي آفيشل يوٽيوب چئنل سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته 34 ايم فل ۽ 28 پي ايڇ ڊي مضمونن لاءِ مختلف ايم سي ڪيوز جا الڳ الڳ سوالناما تيار ڪيا ويا. هن چيو ته اميدوارن کان سندن لاڳاپيل مضمونن ۾ عالمي معيار جي ٽيسٽ منعقد ڪري سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر اين ٽي ايس کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. واضح رهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) اسلام آباد جي جنرل پاليسي تحت سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس، انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ، انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۽ فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ امتحاني مرڪز قائم ڪري پري انٽري ٽيسٽ منعقد ڪئي. فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ ڊيٽا سائنس، اليڪٽرانڪس، سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن انجنيئرنگ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ منعقد ٿي، جڏهن ته انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۾ انگريزي ۽ سنڌي ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو. اهڙيءَ طرح انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪامرس، فارميسي، باٽني ۽ زولاجي ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن لاءِ ٽيسٽ ورتي ويئي. انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ سوشل سائنسز جي سمورن شعبن، ايجوڪيشن، اسلامڪ ڪلچر ۽ نيچرل سائنسز (زولاجي ۽ باٽني کانسواءِ) جي سمورن شعبن جي اميدوارن ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو جو چوڻ هو ته ٽيسٽ کي بهترين انداز ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويا، جنهن ۾ 4 امتحاني مرڪزن جو قيام پڻ شامل آهي. هن چيو ته پي ايڇ ڊي جا اهي اميدوار جيڪي اڳيئي اين ٽي ايس ذريعي گيٽ جنرل يا گيٽ مضمون جو امتحان پاس ڪري چڪا آهن، انهن کي يونيورسٽي جي داخلا ٽيسٽ کان آجو قرار ڏنو ويو. ٽيسٽ 10:35 تي شروع ٿي ۽ 100 منٽن تائين جاري رهي. ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي سوالنامن ۾ 50 سيڪڙو سبجيڪٽ سان لاڳاپيل سوال، 20 سيڪڙو جنرل انگلش، 15 سيڪڙو ڪواليٽيٽو ريزننگ ۽ 15 سيڪڙو ايناليٽيڪل ريزننگ جا سوال شامل ڪيا ويا. هن چيو ته ايم فل ۾ داخلائن لاءِ پاسنگ اسڪور 100 مان 50 سيڪڙو ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن لاءِ 100 مان 60 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو. ٽيسٽ جا نتيجا گذريل ڏينهن ئي جاري ڪيا ويا هئا.