سنڌ يونيورسٽي جا نوان تعليمي شعبا ۽ انھن جي اسڪوپ وارو سوال

نادر علي مغيري

سنڌ يونيورسٽي هميشه اعلي تعليمي ۽ تحقيقي ميدان ۾ اڳڀري رهي آهي ۽ اھا جديد دور جي ضرورتن پٽاندر نوان تعليمي شعبا قائم ڪري سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۽ پرڏيھ مان ايندڙ شاگردن جون تعليمي ضرورتون پوريون ڪندي رھي آھي. موجودہ دؤر ۾ جڏھن اعلي تعليم ۽ تحقيق مڪمل طور ڪمرشلائيز ٿي وئي آھي، اتي سنڌ جي نالي سان منسوب پاڪستان جي ھي پھرين يونيورسٽي سبسيڊائيز فيس تي معياري تعليم فراھم ڪري رھي آھي. اھو ئي سبب آھي ته ملڪ جي وزيرن، مشيرن کان وٺي سمورين سرڪاري شعبن، لوئر ڪورٽس کان وٺي اعلي عدليه ۽ بيوروڪريسي ۾ ته سنڌ يونيورسٽي جا گريجوئيٽس خدمتون سرانجام ڏئي ئي رھيا آھن پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ھتان جا گريجوئيٽ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻيا پروفيشنلز طور ڪم ڪري رھيا آھن. وقت سان گڏ تدريسي ميدان ۾ مختلف نون تعليمي شعبن جي وڌندڙ اھميت، اسڪوپ ۽ گھرج کي نظر ۾ رکندي سنڌ يونيورسٽي انتظاميا اھڙا شعبا متعارف ڪرائيندي رھي آھي، جن جو مقصد محض جديد دور جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ آھي. سنڌ يونيورسٽي گذريل ٻن تعليمي سالن يعني 2023ع ۽ 2024ع دوران ڪجھ نوان تعليمي شعبا متعارف ڪرايا، جيڪي يقينن نوجوانن کي نيون مهارتون سکڻ، ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ ڪامياب بڻجڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ اسانجي نوجوانن جي ذھنن ۾ فقط ٻہ ڳالھيون وڌيون وينديون آھن ته کين انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻو آھي، جنھن سبب ھو ٻين اڀرندڙ ۽ زبردست اسڪوپ رکندڙ تعليمي شعبن ۾ داخلائن جو سوچين ئي نٿا. اڳتي ھلي انٽرميڊئيٽ ڪرڻ کانپوءِ انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلائن کان رھجي ويل نوجوان دلگير ٿي وڃن ٿا. کين خبر ئي ناھي ته انھن ٻنھي شعبن کانسواءِ به بي پناھ تعليمي شعبا موجود آھن، جن ۾ سرڪاري توڙي نجي شعبن يا مختلف پرڏيھي ملڪن ۾ نوڪرين جا وڏا موقعا ميسر آھن. اڄوڪي ڪالم ۾ انهن شعبن جي اهميت ۽ اسڪوپ تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته جيئن نوجوانن کي انهن شعبن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ اتساهه ملي سگهي.
1. بي ايس پولٽري فارمنگ اينڊ مينيجمينٽ: پولٽري فارمنگ پاڪستان جي زرعي معيشت جو اهم حصو آهي. هن شعبي ۾ ماهر ٿيڻ سان نوجوانن کي جديد فارمنگ ٽيڪنيڪن، مرغين ۾ بيمارين جي روڪٿام ۽ پولٽري جي واڌ ويجهه جي باري ۾ سائنسي بنيادن تي ڄاڻ ملندي. اهو شعبو نه صرف روزگار جا موقعا پيدا ڪري ٿو پر غذائي کوٽ کي به ختم ڪري ٿو. جيڪڏھن نوڪرين جي ڳالھ ڪجي ته پاڪستان ۾ پولٽري فارمنگ جا ڪيترائي ادارا ۽ فارم موجود آهن، جن کي سائنسي بنيادن تي ھلائڻ ۽ مينيج ڪرڻ لاءِ ماهر گهربل آھن. زرعي تحقيقي ادارن کي پولٽري جي واڌ ويجهه ۽ بيمارين جي تحقيق لاءِ ماهرن جي ضرورت آھي. ان کانسواءِ حڪومتي زرعي پروگرامن جھڙوڪ زرعي ترقياتي پروگرام ۽ اسڪيمن ۾ پڻ نوڪرين جا موقعا آھن. لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽس، زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي وزارت ۾ پڻ کوڙ نوڪريون موجود آھن. پولٽري فارمز جهڙوڪ ڪي اينڊ اينس، شبيرس گروپ، بگ برڊ گروپ، اورينٽ فوڊس کانسواءِ فيڊ ملز جھڙوڪ چشما فيڊس، نيشنل فيڊس ۽ اسٽيڪ فيڊس، پولٽري پراڊڪٽس ڪمپنين،
پولٽري دوائون ۽ ويڪسين ٺاهيندڙ ڪمپنين ۾ بہ شاندار نوڪريون حاصل ڪري سگھجن ٿيون. نہ فقط ايترو پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پولٽري فارمنگ جا ادارا ڪم ڪن ٿا، جيڪي سڄي دنيا مان پولٽري ماهرن کي ڀرتي ڪن ٿا. عالمي سطح تي پولٽري بابت يونيورسٽيون پڻ نوڪريون مهيا ڪن ٿيون.
2. ھٿرادو ذھانت: ھٿرادو ذھانت يا آرٽيفشل انٽيليجنس (اي آءِ) موجوده دور جي ٽيڪنالاجي ۾ انقلابي تبديليون آڻي رهي آهي. هي شعبو نوجوانن کي مشين لرننگ، ڊيٽا سائنس ۽ روبوٽڪس جي باري ۾ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. اي آءِ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان شاگرد جديد دنيا ۾ موجوده وقت جي ٽيڪنالاجي ٽرينڊز ۾ اڳڀرا رهندا ۽ ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن ۾ نوان موقعا حاصل ڪندا. ھن شعبي ۾ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ روزگار جا بي پناھ موقعا موجود آھن. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جھڙوڪ سافٽ ويئر هائوسز، آءِ ٽي سروسز ۽ اسٽارٽ اپس، مالياتي ادارن جھڙوڪ بينڪن، انشورنس ڪمپنين ۽ فنانس شعبن، تحقيقي مرڪزن جھڙوڪ اي آءِ ۽ مشين لرننگ تي ڪم ڪندڙ ادارن ۾ شاندار نوڪريون موجود آھن. اھڙيءَ طرح پرڏيھ ۾ وري گلوبل ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۾ روزگار ملي سگھي ٿو، جن ۾ گوگل، ايميزون، فيسبڪ، ۽ ٻيون سرچ انجڻون شامل آھن.
3. فارينزڪ اڪائونٽنگ اينڊ فراڊ ايگزامنيشن: فارينزڪ اڪائونٽنگ ۽ فراڊ ايگزامنيشن هڪ نئون ۽ تيزي سان وڌندڙ شعبو آهي. هن شعبي ۾ شاگردن کي مالي ڊيٽا جي تجزيي، فراڊ جي ڳولا ۽ قانوني طريقا سکڻ جو موقعو ملي رھيو آھي. اهو شعبو مالي ادارن، ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪڏھن روزگار جي ڳالھ ڪجي ته آڊٽنگ ۽ اڪائونٽنگ فرمن جهڙوڪ اي واءِ، پي ڊبليو سي ۽ ڪي پي ايم جي ۾ بيشمار نوڪريون موجود آھن. اھڙيءَ طرح مالياتي ادارن، بينڪن، فنانس ڪمپنين، انشورنس ڪمپنين، نيب، ايف آءِ اي، پوليس ۽ ٻين جاچ ادارن ۾ به نوڪريون دستياب آھن. ان کانسواءِ پرڏيھ ۾ وري گلوبل آڊٽنگ فرمن جھڙوڪ عالمي آڊٽنگ ۽ اڪائونٽنگ ادارن ۾ نوڪريون حاصل ڪرڻ جا موقعا ميسر آھن.
4. انگلش لينگويج ٽيچنگ: انگريزي زبان جي اهميت ۽ افاديت عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي. انگلش لينگويج ٽيچنگ ۾ 4 سالا گريجوئيشن پروگرام شاگردن کي انگريزي زبان سيکارڻ جي جديد طريقن ۽ تدريس جي صلاحيتن ۾ ماهر بڻائي ٿو. اهو شعبو بين الاقوامي تدريس جا موقعا ۽ تعليمي ادارن ۾ روزگار جا نوان رستا کولي ٿو. اھا ڊگري حاصل ڪندڙ نوجوان اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ٽيچنگ نوڪريون وٺي سگھن ٿا، سي ايس ايس ۽ پي سي ايس ڪري سگھن ٿا ۽ پنھنجا ٽيويشن سينٽر کولي ماھوار لکين رپيا ڪمائين سگھن ٿا. نه فقط ايترو پر ھو تدريس جي تربيت ڏيندڙ ادارن ۽ مختلف ملڪن ۾ واقع پاڪستاني سفارتخانن جي نگراني ھيٺ ھلندڙ تعليمي ادارن ۾ پڻ نوڪريون وٺي سگھن ٿا.
5. پبلڪ هيلٿ: پبلڪ هيلٿ هڪ اهم شعبو آهي، جيڪو انساني صحت جي بهتري ۽ بيمارين جي روڪٿام تي ڌيان ڏئي ٿو. هن ڊگري پروگرام ۾ شاگردن کي صحت جي پاليسين، وبائي بيمارين تي ڪنٽرول ۽ صحت جي سسٽمز جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. اهو شعبو صحت جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ ۽ سماجي بهبود لاءِ اهم آهي. پبلڪ ھيلٿ ۾ ڊگري وٺڻ بعد نوجوان صحت کاتي، اسپتالن ۽ پبلڪ هيلٿ پروگرامن ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگھندا. ھو صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري تنظيمن جو حصو پڻ ٿي سگھن ٿا، جڏھن تہ صحت جي تحقيقي ادارن ۾ پڻ ھو پنھنجيون خدمتون ڏئي سگھن ٿا. پبلڪ ھيلٿ ۾ ڊگريون ماڻيندڙ عالمي صحت جي ادارن جھڙوڪ ڊبليو ايڇ او، يونيسيف ۽ ٻين ادارن ۾ پڻ نوڪريون وٺي سگھندا.
6. ايسٽرن ميڊيسن: ايسٽرن ميڊيسن (مشرقي دوائون) جو شعبو پاڪستان جي روايتي دوائن ۽ علاج جي طريقن تي مبني آهي. هي 5 ساله ڊگري پروگرام آھي، جنھن ۾ آخري سال ۾ شاگرد ايم بي بي ايس جي شاگردن وانگر ھائوس جاب ڪندا. ھنن شاگردن کي جڙي ٻوٽين، يوگا ۽ ٻين مشرق جي علاج جي طريقن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني پئي وڃي. اهو شعبو نه صرف صحت جي شعبي ۾ تنوع پيدا ڪري ٿو پر صحت جي بهتري لاءِ پڻ اهم آهي. ھن شعبي ۾ جڙي ٻوٽين جي علاج وارن مرڪزن، اوڀر جي دوائن تي تحقيق ڪندڙ ادارن، هيلٿ ڪلينڪس ۽ اسپتالن ۾ نوڪرين جا موقعا موجود آھن، جڏھن ته عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ مشرق جي دوائن جي تحقيقاتي مرڪزن، ھيلٿ اسپا، ڪلينڪس ۾ به نوڪريون حاصل ڪري سگھجن ٿيون.
7. اڪائونٽنگ اينڊ فنانس: اڪائونٽنگ ۽ فنانس هڪ بنيادي اهميت وارو شعبو آهي، جيڪو هر ڪاروباري اداري ۽ تنظيم لاءِ ضروري آهي. هن ڊگري پروگرام ۾ شاگردن کي مالي انتظام، بجيٽنگ، ٽيڪسيشن ۽ آڊٽنگ جي باري ۾ ڄاڻ ملندي. اهو شعبو مالي ماهرن جي گهرج کي پورو ڪري ٿو ۽ ڪارپوريٽ دنيا ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ھن پروگرام ۾ 4 سالا ڊگري حاصل ڪندڙ نوجوان مالياتي ادارن جھڙوڪ بينڪن، انشورنس ڪمپنين، اسٽاڪ ايڪسچينج، ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر توڙي حڪومتي ادارن اڪائونٽس ۽ فنانس ڊپارٽمينٽ، يونيورسٽين، تعليمي بورڊن ۽ ٻين شعبن ۾ فنانس ونگس ۾ اھم پوزيشنن حاصل ڪري سگھن ٿا، جڏھن ته ملڪ کان ٻاھر وري عالمي بينڪن، فنانس ڪمپنين، ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن، عالمي ڪارپوريٽ سيڪٽر، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگھجن ٿيون.
8. بي ايس ڊيٽا سائنس: ڊيٽا سائنس جديد دور جي ٽيڪنالاجي ۽ معلوماتي شعبي ۾ هڪ اهم ۽ تيزي سان وڌندڙ شعبو آهي. ان شعبي ۾ ماهر ٿيڻ سان نوجوانن کي مختلف صنعتن ۽ ادارن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملندو. ڊيٽا سائنس جو بنيادي مقصد ڊيٽا مان مفيد معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ان معلومات کي مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. ھن شعبي ۾ ڊگري وٺڻ بعد نوجوان ھر شعبي ۾ نوڪري وٺي سگھن ٿا، ڇاڪاڻ ته ھي ھڪ وسيع شعبو آھي.
سنڌ يونيورسٽي ۾ متعارف ڪرايل نون تعليمي شعبن جا ڪورس نوجوانن کي جديد دور جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ يقينن مدد ڏيندا. اهي شعبا نه صرف نوجوانن کي نيون مهارتون سيکاريندا پر معاشري ۽ ملڪي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا. تنهن ڪري سنڌ جي نوجوانن کي انهن شعبن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ مادر علمي جو رخ ڪرڻ گھرجي ته جيئن ھو پنهنجو مستقبل روشن ۽ ڪامياب بڻائي سگهن. سنڌ يونيورسٽي ۾ نئين سيشن تحت داخلائن جو اعلان عام طور آگسٽ جي آخري ھفتي يا وري سيپٽمبر جي شروع ۾ ڪيو ويندو آھي، تازو انٽرميڊئيٽ جا امتحان ڏيندڙ نوجوانن کي اھو سوچڻو پوندو ته چار يا پنجن سالن تائين يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي پاس آئوٽ ٿيڻ شرط کين سٺي نوڪري ڪرڻي آھي يا واندو ويھڻو آھي. تنھن ڪري کين پراڻن تعليمي پروگرامن سان گڏوگڏ نون شعبن جو بہ رخ ڪرڻ گھرجي، جنھن سان ھو اڳتي ھلي ڪاميابي حاصل ڪري سگھن. ھڪ ٻي اھم ڳالھ ته تعليمي شعبو ڪھڙو به کڻجي پر ان ۾ سخت محنت جي ضرورت پوندي. محنت، جفاڪشي، خود اعتمادي، مستقل مزاجي ۽ تتي ٿڌيءَ ڪاھ ڪاھڻ واري فلسفي تحت اڳتي وڌندڙ نوجوان سنڌ يونيورسٽي ۾ ڀلي ڪھڙي به تعليمي شعبي جي چونڊ ڪن پر کين مستقبل ۾ ڪاميابيءَ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي.