سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار، مقررن بيماريءَ کان نجات لاءِ شروعاتي تشخيص، آگاهي ۽ ڪميونٽي سهڪار کي اهم قرار ڏيئي ڇڏيو؛ ڇاتيءَ جو ڪينسر ملڪي عورتن ۾ سڀ کان عام قسم جو ڪينسر آهي، ان لحاظ سان هر نائين عورت کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ان بيماريءَ جو خطرو موجود رهي ٿو، هر سال لڳ ڀڳ 90 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿين ٿا، لڳ ڀڳ 40 هزار عورتون هن بيماريءَ سبب پنهنجي حياتي وڃائي ويهن ٿيون، ابتدائي سڃاڻپ، احتياط ۽ وقت سر علاج مسئلي جو بهترين حل آهي، مقررن جو سيمينار کي خطاب

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بريسٽ ڪينسر تي ٿيل سيمينار ۾ مقررن چيو آهي ته ڇاتيءَ جو ڪينسر پاڪستان جي عورتن ۾ سڀ کان عام قسم جو ڪينسر آهي، ان لحاظ سان هر نائين عورت کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ان بيماريءَ جو خطرو موجود رهي ٿو. سندن چوڻ هو ته هر سال لڳ ڀڳ 90 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿين ٿا، جڏهن ته لڳ ڀڳ 40 هزار عورتون هن بيماريءَ سبب پنهنجي حياتي وڃائي ويٺيون آهن. ڄاڻايل انگ اکر آگاهي، ابتدائي سڃاڻپ ۽ وقت سر علاج جي سخت ضرورت کي ظاهر ڪن ٿا. اهڙو اظهار هنن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز پاران منعقد ڪيل بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پروگرام ۾ خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو مقصد پاڪستان ۾ بريسٽ ڪينسر جي موت جي شرح کي گهٽائڻ لاءِ احتياطي اپاءَ، ابتدائي  تشخيص ۽ عوامي شعور جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو. سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته عورتن کي متاثر ڪندڙ بيمارين بابت آگاهيءَ ۽ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ ۾ سرڪاري يونيورسٽين جو اهم ڪردار هئڻ گهرجي. هن چيو ته بريسٽ ڪينسر رڳو طبي مسئلو نه پر هڪ سماجي چئلينج آهي، جيڪو ڪميونٽيز، صحت جي ادارن ۽ پاليسي ٺاهيندڙن جي گڏيل ذميواريءَ جي تقاضا ڪري ٿو. هن چيو ته شروعاتي اسڪريننگ ۽ وقت سر قدم کڻڻ سان ڪيئي زندگيون بچائي سگهجن ٿيون. هن انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي ٽيم کي بهترين انداز ۾ آگاهي پروگرام منعقد ڪرڻ تي ساراهيو. سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام منتظمن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته آگاهي مهم پٺتي پيل علائقن تائين پهچڻ گهرجي، جتي اڃا تائين غلط فهميون ۽ سماجي پابنديون عورتن کي وقت سر مرض جي تشخيص ۽ ان جو علاج ڪرائڻ کان روڪين ٿيون. هن چيو ته خاموشي ٽوڙڻ ۽ بدناميءَ جي احساس کي ختم ڪرڻ ئي زندگيون بچائڻ جو پهريون قدم آهي. هن حساس صحت پاليسين ۽ ڪميونٽي سطح تي باقاعده اسڪريننگ پروگرام جي ضرورت تي زور ڀريو. انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر امير علي ٻُرڙو پاڪستان ۾ بريسٽ ڪينسر جي پکڙجڻ بابت ڳڻتيءَ جوڳا انگ اکر پيش ڪيا. هن چيو ته بريسٽ ڪينسر اسان جي ملڪ ۾ عورتن ۾ سڀ کان عام قسم جو ڪينسر آهي، جنهن ۾ هر نائين عورت کي زندگيءَ دوران ان جو خطرو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هر سال لڳ ڀڳ 90 هزار نوان ڪيس ظاهر ٿين ٿا ۽ تقريباً 40 هزار عورتون هن بيماريءَ سبب فوت ٿين ٿيون. هن موت جي شرح وڌڻ جو سبب آگاهيءَ جي کوٽ، دير سان تشخيص، ناقص صحت نظام ۽ سماجي- ثقافتي رڪاوٽن کي قرار ڏنو. هن زور ڀريو ته پاڪستان اندر سڄي ايشيا ۾ ڇاتيءَ واري ڪينسر جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس آهن، تنهن ڪري وڌيڪ آگاهي مهم ۽ ڪميونٽي سطح تي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ضروري آهن. ڊاڪٽر ڪنول فيروز شروعاتي اسڪريننگ جي اهميت ۽ وقت سر علاج ۾ خانداني سهڪار جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته خوف ۽ سماجي بدناميءَ سبب عورتون اڪثر مدد وٺڻ کان ڪيٻائين ٿيون، جنهن کي تعليم ۽ همدرديءَ ذريعي ختم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر حوريه خان چيو ته احتياط علاج کان هميشه بهتر آهي. باقاعده پاڻمرادو جاچ، صحتمند طرز زندگي ۽ طبي چڪاس بريسٽ ڪينسر جي خطري کي گهٽائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهن. هن نوجوان عورتن کي چيو ته هو پنهنجي خاندانن ۽ ڪميونٽيز ۾ صحت آگاهيءَ جون علمبردار بڻجن. سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونيٽالوجي جي فارميسي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر ثنا حسن شاهه پنهنجي اداري جي صحت آگاهيءَ بابت خدمتن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته اسان جو ادارو آگاهي ۽ عمل جي وچ ۾ فرق ختم ڪرڻ لاءِ آگاهي سيشن ۽ مفت اسڪريننگ پروگرام هلائي رهيو آهي. ڊگهي عرصي وارا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين ۽ صحت ادارن جي وچ ۾ سهڪار ضروري آهي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽيڊيز جي ٽيچر ناصر ناريجو آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته سيشن جي ميزباني جا فرض جنيد رزاق سومرو ادا ڪيا. ان کان اڳ تقريب جي شروعات انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي شاگرد قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/24/2025
Announcements
1024 x 768
Breast cancer awareness seminar at Sindh University stresses early detection, education, c...
View Details → 10/24/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي سيمي...
View Details → 10/24/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ میں بریسٹ کینسر کے بارے میں آگہی سیمین...
View Details → 10/24/2025