سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول ۾ 77هون جشن آزادي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو: مادرعلمي ۾ وائيس چانسلر رجسٽرار، ڊينز، سينڊيڪيٽ ميمبرن، تعليمي توڙي انتظامي سربراهن، استادن، ملازمن ۽ شاگردن جي موجودگيءَ ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو، ترانو به وڄايو ويو، پوليس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي چاڪ چوبند دستن پاران سبز هلالي جهنڊي کي سلامي پيش

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ملڪ جو 77 هون آزاديءَ وارو ڏهاڙو ڀرپور قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. بيورو آف اسٽيگس پاران قومي جهنڊو جهولائڻ واري تقريب حيدر بخش جتوئي پويلين ۾ منعقد ڪئي ويئي، جتي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو صبح جو نائين وڳي قومي جهنڊو ڦڙڪايو، جنهن بعد قومي ترانو وڄايو ويو. ان موقعي تي قومي تراني جي احترام ۾ تقريب ۾ موجود ماڻهو اٿي بيهي رهيا. قومي تراني کانپوءِ پوليس ۽ سنڌ يونيورسٽي سيڪيورٽي جي جوانن جي پريڊ پڻ ٿي. تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي، جنهن جي سعادت انسٽيٽيوٽ آف لينگويج جي استاد نظر حسين چانڊيو حاصل ڪئي، جنهن بعد نعت پڙهي وئي. قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کانپوءِ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ آزاديءَ واري جدوجهد توڙي ان جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ ٻارڙن تقريرون پڻ ڪيون ۽ مٺايون پڻ ورهايون ويون. تقريب ۾ مختلف فئڪلٽين جا ڊينز، سينڊيڪيٽ جا ميمبر، انسٽيٽيوٽس ۽ سينٽرن جا ڊائريڪٽر، تعليمي ۽ انتظامي شعبن جا سربراهه، استاد، آفيسر، ملازم ۽ شاگرد توڙي شاگردياڻيون پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته اڄ اهم ڏينهن آهي ۽ اڄوڪو ڏينهن عيد جي ڏهاڙي جهڙي خوشيءَ کان گهٽ ناهي. هن چيو ته ملڪن جي ترقيءَ ۾ ادارن جو ڪردار اهم هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان جي خوشحاليءَ لاءِ سيڪيورٽي فورسز سميت هر قومي اداري جو پنهنجو پنهنجو ڪردار آهي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي پڻ نوجوانن کي معياري اعليٰ تعليم مهيا ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيوته نوجوان معياري تعليم پرائيندا ته معاشري جا ڪارائتا شهري بڻجندا ۽ مختلف قومي ادارن ۾ نوڪريون حاصل ڪندي پاڪستان جي ترقيءَ ۽ ملڪي معاشري جي خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪندا. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته پڙهيل ڳڙهيل نوجوان ئي پاڪستان کي ترقيءَ جي راهه ۾ اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿا ۽ نوجوان ئي ملڪ جو مستقبل آهن. هن چيو ته هر پاڪستانيءَ کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ايمانداريءَ سان پاڻ پتوڙڻ گهرجي ۽ هر حيثيت ۾ پاڪستان جي خدمت بهترين انداز ۾ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زير تعليم شاگردن جي ذميواري وقت وڃائڻ کان سواءِ تعليم حاصل ڪرڻ آهي، تنهن ڪري کين مڪمل ڌيان سان علم حاصل ڪرڻو پوندو. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته وقت قيمتي هوندو آهي، جيڪڏهن اهو هڪ دفعو گذري ويو ته وري واپس ناهي موٽندو. اسان سڀني کي وقت جو قدر ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجيون ذميواريون ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان صرف ان وقت ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي سگهندو، جڏهن سمورن شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو انفرادي طور پنهنجي ذميوارين کي احسن طريقي سان ادا ڪندا. هن چيو ته اسانجا نوجوان ملڪ سان بي پناهه محبت جي جذبي سان سرشار آهن، اسان سڀني کي آزادي، وڏڙن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي لازوال قربانين جي اهميت کي سمجهڻو پوندو. وائيس چانسلر تقريب ۾ موجود سمورن ماڻهن ۽ پوليس توڙي رينجرز ۽ ٻين سيڪيورٽي عملدارن کي ملڪ جي 77 هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون. ان موقعي تي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهرائي ويئي. بعد ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو استادن، آفيسر ۽ ملازمن سان گڏ گرين يوٿ موومينٽ ڪلب جي وڻڪاريءَ واري تقريب ۾ به شرڪت ڪئي، جيڪا مادرعلمي جي ڊپارٽمينٽ آف لا ۾ منعقد ڪئي ويئي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري جي ڊائريڪٽر ۽ سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانا بيگم ملاح، نيچرل سائنس فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور، سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ، پاڪستان اسٽيڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، پوليٽيڪل سائنس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر، پروفيسر سعيد احمد منگي، ڊائريڪٽر ڪئمپس سيڪيورٽي غلام ثاقب ٻرڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊائريڪٽوريٽ آف ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽيڊيز ڊاڪٽر عاطف منگي، ايڊيشنل رجسٽرار عبدالمجيد پنهور، ڊپارٽمينٽ آف لا جي انچارج چيئرمين دانش منگي، گرلس هاسٽل جي پرووسٽ ناهيد آرائين، انسپيڪٽر ڪاليجز پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي زيدي، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر انجنيئر غلام شبير عباسي، محمد علي گهانگهرو، ذوالفقار علي رستماڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن ڊپارٽمينٽ آف لا ۾ ٻوٽا پوکيا. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ پڻ قومي جهنڊو جهولائڻ واري تقريب ٿي، جنهن جي صدارت وائيس چانسيلر پاران نامزد ڪيل فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي ڪئي. اسڪول جي پرنسيپال احسان شاهه راشديءَ ساڻس گڏ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي اسڪول بينڊ تي قومي ترانو پڙھيو ويو. تقريب ۾ شاگردن جي وڏي تعداد مڪمل اسڪائوٽ يونيفارم ۾ شرڪت ڪئي ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو. پرنسيپال احسان شاهه راشديءَ پنهنجي  تقرير ۾ ڪي جي کان انٽرميڊيئيٽ تائين تعليمي بھتريءَ لاء وائيس چانسلر پاران ڪيل مدد ۽ سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر عالماڻيءَ اسڪول جي تعليمي معيار کي واکاڻيو ۽ ڀرپور تعاون جو يقين پڻ ڏياريو. بعد ۾ اسڪولي شاگردن، استادن، اسٽاف، سيڪيورٽي گارڊن ۽ شهرين ۾ وائيس چانسلر پاران موڪليل مٺائي ورھائي ويئي. شاگردن پاران 14هين آگسٽ جي مناسبت سان مختلف سرگرميون منعقد ڪيون ويون. تقريب جي پڄاڻي ملڪي سلامتيءَ لاءِ گهريل خصوصي دعائن سان ٿي. لاڙ ڪئمپس بدين ۾ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل رحمان کومڀاٽي پاڪستان جي قومي جھنڊي جي پرچم ڪشائي ڪئي، بعد ۾ قومي ترانو وڄايو ويو، جنهن دوران سيڪيورٽي عملي سبز هلالي جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي. آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، خوشحالي، ترقي ۽ ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ويئي. تقريب کانپوءِ وڻڪاري مهم جو آغاز ڪيو ويو، جنهن ۾ پرو وائيس چانسلر، مختلف شعبن جي انچارج ۽ استادن ڪيمپس جي احاطي ۾ وڻ پوکيا. بزنس ايڊ منسٽريشن جي انچارج ڊاڪٽر خليل الرحمان ڀٽي، انگريزي شعبي جي انچارج ڊاڪٽر محمد طفيل چانڊيو، وڻڪاري ۽ اسڪالرشپ جي انچارج ڊاڪٽر عظيم، محمد عرفان، حاجي احمد سولنگي ۽ استادن توڙي شاگردن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪئمپس دادو ۾ جشن آزاديءَ جي پروقار تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنهن دوران فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ قومي جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي ڪئمپس جا سمورا استاد ڊاڪٽر محمد آصف چنا، ڊاڪٽر سرفراز ملڪ، امجد لاشاري، محمد اشرف ڪلوئي، مهراڻ نبي چانڊيو، عبداللطيف ٻٻر ۽ ٻئي اسٽاف سميت شاگردن توڙي شاگردياڻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ملڪ جي 77هين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، جڏهن ته اقواه فرينڊس جي سهڪار سان وڻڪاري پڻ ڪئي ويئي. هوڏانهن ٺٽو ڪئمپس ۽ سيد الهندو شاهه ڪئمپس نوشهروفيروز ۾پڻ جشن آزاديءَ جون تقريبون منعقد ٿيون ۽ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو.