سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ان جا سمورا ڪئمپسز ۽ ٻئي ماڊل اسڪول 20 آگسٽ تي حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي عرس جي موقعي تي بند رھندا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ان جا سمورا ڪئمپسز ۽ ٻئي ماڊل اسڪول 20 آگسٽ تي حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي عرس جي موقعي تي بند رھندا. مادر علمي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو اھڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي. نوٽيفڪيشن موجب سنڌ حڪومت پاران حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي عرس جي موقعي تي صوبي ۾ عام موڪل جي اعلان سبب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ان جا سمورا ڪئمپسز، سيد پناھ علي شاھ ماڊل اسڪول ڄامشورو ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول حيدرآباد پڻ بند رھندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/19/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪرسمس ڏھاڙي جي مناسبت سان تقريب...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران عدالتي حڪمن جي تعميل جو سلسلو...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مريءَ جي...
View Details → 12/18/2025