نفسياتي ماهرن معاشرتي مسئلن، گهريلو ماحول ۽ ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال کي ذهني مسئلن جو اهم سبب قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾“صحتمند ذهن، مضبوط معاشرا“ جي عنوان سان پينل ڊسڪشن منعقد، وائيس چانسلر صدارت ڪئي

ماهرن بيمارين، معاشرتي مسئلن، گهريلو ماڄول ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي غلط استعمال کي ذهني مسئلن جو اهم سبب قرار ڏيندي ٽيڪنالاجيءَ جي مثبت ۽ متوازن استعمال، والدين ۽ ٻارن وچ ۾ مثبت لاڳاپن ۽ مضبوط وابستگيءَ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ يونيورسٽيءَ جي سائڪالاجي شعبي پاران ”صحتمند ذهن، مضبوط معاشرا“ جي عنوان سان منعقد ڪيل پينل ڊسڪشن ۾ ڪيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيل ان تقريب جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي. پينل ڊسڪشن ۾ سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي جي چيئرمين سينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڪريم خواجا، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي نفسيات شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر جميل جوڻيجو، انسٽيٽيوٽ آف ڪلينڪل سائيڪالاجي، ڪراچي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صوبيه آفتاب، ساڳئي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر عظميٰ، نامياري ليکڪ ڊاڪٽر محمود مغل ۽ لمس جي  نيورو سائيڪالاجسٽ سيف الله پٺاڻ پينلسٽ طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجا صدارتي ويچار ونڊيندي ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته ذهني صحت انساني زندگي ۽ معاشرتي ترقيءَ ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي، ان ڪري ذهني صحت بابت آگاهيءَ کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته بيمارين سان گڏ مختلف  معاشرتي مسئلا،  ٽيڪنالاجي جو غلط استعمال پڻ ذهني صحت تي اثر انداز ٿين ٿا، انهن مسئلن بابت شعور، رهنمائي ۽ بروقت علاج ذريعي هڪ صحتمند، مثبت ۽ مضبوط معاشري جي تعمير ممڪن آهي. هن چيو ته ٻارن ۽ نوجوانن جي ذهني ۽ جذباتي نشوونما لاءِ سازگار ماحول، والدين جي ڀرپور توجهه، محبت، تربيت  ۽ مثبت خانداني ماحول وڏي اهميت رکن ٿا.هن چيو ته گڏيل ڪوششن سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. خاص ڪري ان حوالي سان  نفسيات جي ماهرن جو ڪردار اهم آهي. وائيس چانسلر پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيورسٽين سميت  سڀني تعليمي ادارن کي هن قسم جي پروگرامن ذريعي شاگردن ۾ ذهني صحت جو شعور وڌائڻ لاءِ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي . هن بهترين پروگرام منعقد ڪرڻ تي سائڪالاجي شعبي جي چيئرپرسن ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون پڻ ڏنيون. پئنل ڊسڪشن ۾ سينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڪريم خواجا سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽيءَ جي ڪردار تي ڳالهائيندي سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن، خاص طور ٿر ۾ ذهني صحت جي سهولتن ۽ آگاهيءَ لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. پروفيسر ڊاڪٽر جميل جوڻيجو ٻارن جي ذهني صحت ۽ نشوونما لاءِ والدين ۽ ٻارن وچ ۾ مثبت لاڳاپن ۽ مضبوط وابستگيءَ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته والدين جي محبت، شفقت ۽ گرمجوشي ٻارن لاءِ دوا جي حيثيت رکي ٿي. پروفيسر ڊاڪٽر صوبيه آفتاب ٻارن سان والدين جي مثبت رويي جي اهميت بيان ڪندي چيو ته گهر هڪ اهڙي تربيت گاهه آهي، جتي ٻارن جي شخصيت، جذبات ۽ ڪردار جي نشوونما ٿئي ٿي. پروفيسر ڊاڪٽر عظميٰ خاندان ۾ احترام، شڪرگذاري ۽ مثبت قدرن جي فروغ جي اهميت اجاگر ڪندي چيو ته ٻار اهي قدر پنهنجي گهر ڀاتين جي روين مان سکندا آهن. ڊاڪٽر محمود مغل ٽيڪنالاجيءَ جي مثبت ۽ متوازن استعمال، ان تي ضابطي ۽ والدين سميت خاندان جي ٻين ڀاتين سان مضبوط ۽ مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي. ڊاڪٽر  سيف الله پٺاڻ ٻارن ۾ ڳالهائڻ ۾ دير جي وڌندڙ رجحان جي نشاندهي ڪندي چيو ته اهڙن ٻارن جي بروقت تشخيص انتهائي ضروري آهي، ته جيئن مناسب رهنمائي ۽ علاج ذريعي سندن نشوونما بهتر بڻائي سگهجي. ان موقعي تي سائڪالاجي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر منيزه ملڪ وائيس چانسلر جي شرڪت ۽ سهڪار جي مهرباني مڃيندي سمون مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ پروگرام جي مقصدن تي روشني وڌي . چيو ته اسڪولن ۾ نفسيات جي ماهرن جي مقرري انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته اسڪول جو دور ٻارن جي نشوونما جو بنيادي ۽ شروعاتي مرحلو هوندو آهي. ان دوران ٻارن جي جذباتي نشوونما، سکڻ جي صلاحيت ۽ روين جي جوڙجڪ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن اهي صحتمند ذهن سان معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. هن معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ اسپتالن ۾ ڪائونسلنگ سيلز قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني.سوالن ۽ جوابن واري سيشن ۾ شاگردن ذهني صحت ۽ ٻارن جي تربيت بابت مختلف سوال ڪيا، جن جا پينلسٽن تفصيلي جواب ڏنا.پروگرام ۾ فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، آفيس آف ريسرچ، انوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن (اورڪ) جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فرحت نورين سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/19/2026
Announcements
1024 x 768
نفسياتي ماهرن معاشرتي مسئلن، گهريلو ماحول ۽ ٽيڪنØ...
View Details → 11/19/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر شازيا پتافي جي ڪتاب “رمز ...
View Details → 11/19/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ روڊ سيفٽي بابت سيمينار منعقد، موٽ...
View Details → 11/19/2026