سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر شازيا پتافي جي ڪتاب “رمز پروڙيئون راز” جي مهورتي تقريب منعقد، وائيس چانسلر صدارت ڪئي

مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جي ڄاڻو ۽ سنڌي شعبي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر شازيا پتافيءَ جي تحقيق تي ٻڌل ڪتاب “رمز پروڙيئون راز” جي مهورت تقريب ٿي گذري. مهورتي تقريب سنڌي شعبي جي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هال ۾ ٿي. تقريب جي صدارت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي. هيءَ تقريب سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاگرد شاخ پاران سنڌي شعبي جي سهڪار سان منعقد ڪئي ويئي. ڪتاب جي مهورت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، آرٽس فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر نور محمد شاهه، ناليواري شاعر ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ناليواري اديب ۽ شاعر علي آڪاش، ڊاڪٽر شازيا پتافي، حسن مجتبيٰ ۽ ٻين گڏجي ڪئي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر شازيا پتافي جو تحقيق تي مشتمل ڪتاب انتهائي اهم آهي، جنهن ۾ لطيفيات، لسانيات سميت مختلف موضوعن تي مواد شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هي ڪتاب خاص ڪري نون محققن لاءِ رهنمائيءَ جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته ڊاڪٽر شازيا پتافي جي ڪم ۾ نواڻ آهي جنهن مان نوان تحيقيق ڪندڙ توڙي شاگرد مستفيد ٿيندا. هن ڪتاب جي ليکڪه کي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هوءَ اڳتي به اهڙي تحقيق جو سلسلو جاري رکندي. ان کان اڳ ناليواري اديب ۽ شاعر علي آڪاش خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر شازيه پتافي جون علمي ادبي خدمتون ڪنهن کان به لڪل ناهن. هن چيو ته ليکڪا شاهه لطيف جي شاعري جي رمز کي پروڙڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، اها عام پڙهندڙ لاءِ به سکڻ اهم ذريعو آهي. آرٽس فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر شازيه پتافي جو تحقيقي ڪم انتهائي سنجيده ۽ معياري آهي. هن چيو ته سندس تحقيق ۾ لسانيات جا نوان پهلو ۽ نوان سوال موجود آهن، جيڪي نوجوان محققن لاءِ نئون رستو کوليندا. هن چيو ته شاهه لطيف تي ڪيل ڪم ۾ ليکڪا نه رڳو پراڻي تشريح کي ورجايو آهي، پر نئين زاويي سان ان جي اپٽار ڪئي آهي. سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر نور محمد شاهه خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر شازيا پتافي سنڌي شعبي جي هڪ اهم ۽ محنتي استاد آهي. سندس شخصيت شاگردن لاءِ مثال آهي. هن چيو ته “رمز پروڙيئون راز” سنڌي ادب ۾ اهم اضافو آهي. ناليواري شاعر ڊاڪٽر اسحاق سميجو خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر شازيا پتافي جو شاهه لطيف تي ڪم ئي سندس سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته شاهه لطيف جي بيتن ۾ لڪل رمز ۽ راز کي سمجهڻ آسان ڪم ناهي، پر ليکڪا ان کي وڏي محنت ۽ محبت سان پروڙيو آهي. هن چيو ته ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي فڪر کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن تجويز ڏني ته ايندڙ ايڊيشن ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي تشريح ۽ لغت کي وڌيڪ وڌايو وڃي ته جيئن نوجوان نسل کي وڌيڪ فائدو ٿئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر شازيه پتافي آيل مهمانن، مقررن ۽ سنڌي ادبي سنگت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته هي ڪتاب سنڌي ٻولي، لسانيات ۽ شاهه لطيف سان سندس محبت جو نتيجو آهي. هن چيو ته مقررن جون تجويزون هن لاءِ رهنمائي جو ڪم ڏينديون ۽ هوءَ اڳتي به سنڌي ٻولي ۽ شاهه لطيف تي تحقيق جاري رکندي. مهورتي تقريب کي ڊاڪٽر نويده ڪٽپر، نوشاد رضوان، حسن مجتبيٰ چانڊيو، اويس ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ استادن، اديبن، شاعرن، محققن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/19/2026
Announcements
1024 x 768
نفسياتي ماهرن معاشرتي مسئلن، گهريلو ماحول ۽ ٽيڪنØ...
View Details → 11/19/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر شازيا پتافي جي ڪتاب “رمز ...
View Details → 11/19/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ روڊ سيفٽي بابت سيمينار منعقد، موٽ...
View Details → 11/19/2026