سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلز ۾ فريش توڙي ٻيهر الاٽمينٽ 2024ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 5 سيپٽمبر تائين واڌ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بوائز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو ڄاڻايو آهي ته بوائز هاسٽلن ۾ فريش توڙي ٻيهر الاٽمينٽ 2024ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 5 سيپٽمبر 2024ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ اميدوارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي فيس جا چالان پنهنجي اِي پورٽل مان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. ڄاڻايل تاريخ تائين فيس جمع نه ڪرائيندڙ هاسٽلرن جي ري الاٽمينٽ رد ڪئي ويندي. پڌرائي موجب چالان جمع ڪرائڻ بعد هاسٽل واري فيس ڪاپي بوائز هاسٽل جي اڪيڊمڪ سيڪشن ۾ جمع ڪرائي وڃي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/23/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ اونهاري جي موڪلن کانپوءِ نيچرل س...
View Details → 07/22/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ نے موسم گرما کی تعطیلات کے بعد نیچرل سا...
View Details → 07/22/2026
1024 x 768
Sindh University finalizes academic strategy for Natural Sciences Faculty as classes set t...
View Details → 07/22/2026