سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي گڏيل سهڪار سان ڪراچي ۾ قومي خيرپور کجور فيسٽيول منعقد
سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي گڏيل سهڪار سان پرل ڪانٽينٽل (پي سي) هوٽل ڪراچي ۾ قومي خيرپور کجور فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ڪيو. ان موقعي تي ٿيل تقريب جي صدارت هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع (ستاره امتياز) ڪئي، خاص مهمان يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جو صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو هو، جڏهن ته اعزازي مهمان يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جو سيڪريٽري محمد عباس بلوچ هو.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته هن قسم جا فيسٽيول زراعت کي واڌ ويجهه ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪن ٿا، اهڙو شاندار پروگرام منعقد ڪرڻ تي سنڌ ايڇ اي سي ۽ سنڌ يونيورسٽي جس لهڻن ٿا. هن چيو ته سنڌ سميت پوري پاڪستان جي کجور جي عالمي مارڪيٽ کي وڌائڻ لاءِ گريڊنگ ۽ پيڪنگ وغيره کي عالمي معيار مطابق آڻڻو پوندو، جيستائين ائين نه ڪنداسين گهربل فائدا حاصل نه ڪري سگهنداسين. هن چيو ته پوري دنيا اندر کجور جا 500 قسم ٻڌايا وڃن ٿا اسان وٽ ڪٿي 200 ڪٿي اڍائي سئو ته ڪٿي 300 قسم ٻڌايا وڃن ٿا، تحقيق ذريعي صحيح ڊيٽا تشڪيل ڏيڻ جي گهرج آهي هن چيو ته کجور جي پيداوار، مارڪيٽ ۽ تحقيق لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل موقعا فراهم ڪندي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي وسيلن کي گڏجي سپورٽ ڪرڻي پوندي.
سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع پنهنجي خطاب ۾ چيو ته زراعت جو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، هن نيشنل خيرپور کجور فيسٽيول ڪرائڻ جو مقصد کجور جي فصل لاءِ مارڪيٽ جا موقعا وڌائڻ ۽ ان تي تحقيق کي هٿي وٺرائڻ آهي. هن چيو ته سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن يونيورسٽين اندر زراعت سميت سڀني شعبن ۾ تحقيق لاءِ ڀرپور موقعا فراهم ڪيا آهن ۽ ان مقصد لاءِ سندن ڀرپور سپورٽ ڪئي آهي جيڪو سلسلو اڳتي به جاري رهندو. هن چيو ته يونيورسٽين، آبادگارن ۽ انڊسٽريز وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪجي ته تحقيق جو وڌ ۾ وڌ عام ماڻهو کي فائدو پهچي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي فيسٽيول نيشنل توڙي انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ هن پروڊڪٿ کي هٿي ڏيندو. هن نوجوانن کي وڌ ۾ وڌ تحقيق طرف ڌيان ڏيڻ جي صلاح ڏيندي کين سنڌ ايڇ اي سي جي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. هن بهترين پروگرام جي انتظامن تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي کين مبارڪ ڏني.
تقريب جي آغاز ۾ پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) سڀني شرڪت ڪندڙن جي مهرباني مڃي ۽ خيرپور کجور فيسٽيول جي مقصدن تي روشني وڌي ۽ چيو پاڪستان کجور پيدا ڪندڙ دنيا جو اهم ملڪ آهي، جتي وڏي مقدار ۾ کجور پيدا ٿئي ٿي، خاص ڪري سنڌ جو خيرپور ضلعو کجور جو مرڪز آهي، هن نيشنل فيسٽيول ڪرائڻ جو مقصد کجور جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ ان جي پراڊڪشن کي وڌائڻ ۽ ايڪسپورٽ جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته کجور جي سپلاء چين کي بهتر ڪرڻ ۽ ڊجيٽل مارڪيٽنگ جي ضرورت آهي. بلين روپين جي ايڪسپورٽ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ جوڳو حفاظتي بندوبست نه هئڻ سبب برساتن سبب کجور کي تمام گهڻو نقصان پهچي ٿو جنهن کان بچڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي. وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي شاگردن جي محنت کي داد ڏنو جن شاندار پروگرام آرگنائيز ڪيو.
يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري محمد عباس بلوچ چيو ته هن کان اڳ اسان خيرپور ۾ کجور فيسٽيول ڪرايو هو، ان جي تسلسل کي ڏسي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن چيو کجيون خيرپور جو اهم فصل آهي ۽ هي فصل قدرت واري جو وڏو انعام آهي. هن فصل کي وڌ م وڌ سپورٽ ڪري ان جي آبادگارن ۽ واپارين جي همت افزائي ڪري سگهجي ٿي ۽ کين معاشي فائدن جو موقعو ڏئي سگهجي ٿو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ چيو ته خيرپور جي کجور رڳو فصل يا ميوو ناهي پر اهو اتان جي ماڻهن جي معاش جو اهم ذريعو پڻ آهي کچي جون پاڙون رڳو اتان جي زمين ۾ نه پر ماڻهن جي دلين ۽ اتان جي ثقافت ۾ به کتل آهن. هن چيو ته ماڻهن کي مارڪيٽ سان جوڙڻ ۾ يونيورسٽين جو اهم ڪردار آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي سينيئر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته هي انتهائي اهم فيسٽيول آهي جنهن جي انعقاد تي آرگنائيزر مبارڪون لهڻن ٿا. هن چيو ته خيرپور جي کجور ذائقي ۾ منفرد ۽ عالمي سطح تي تمام گهڻي پسند ڪئي وڃي ٿي، ان لاءِ عالمي مارڪيٽ ۾ وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پروفيسر ۽ کجور تي شاندار تحقيق تي عالمي ايوارڊ ماڻيندڙ پروفيسر ڊاڪٽر غلام سرور مرکنڊ کجور بابت تفصيلي پريزنٽيشن پيش ڪئي. ان موقعي تي سيد نديم شاهه ڄاموٽ ۽ حافظ عبدالحليم پڻ ويچار ونڊيا آخر ۾ سنڌ ايڇ اي سي ڊائريڪٽر ميمونه شاهه سمورن شرڪت ڪندڙن جي مهرباني مڃي. هن تقريب جي ڪارروائي فيسٽيول جي فوڪل پرسن ۽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي استاد ڊاڪٽر فرحان زيب خاصخيلي، ماروي ملاح ۽ ماهنور سليم هلائي. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ،سنڌ ايڇ اي سي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع، يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ ٻين معزز مهمانن فيسٽيول ۾ قائم مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ اتي رکيل کجور جي مختلف قسمن، هٿ جي هنري شين، آرٽ پئنٽنگس کي وڏي دلچسپي سان ڏٺو ۽ انهن جي تعريف ڪئي. فيسٽيول ۾ وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي صوبائي وزير ۽ ٻين معزز مهمانن کي اجرڪ، لنگين جي تحفن سان گڏ شيلڊون پڻ پيش ڪيون. آخر ۾ موسيقي جي محفل ٿي جنهن ۾ نامور فنڪارن فهيم علڻ ۽ داروش بينڊ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري محفل کي گرمايو.
هن فيسٽيول ۾ سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان جي واپارين طرفان 20 کان وڌيڪ اسٽال قائم ڪيا ويا هئا جن تي چئني صوبن جي کجين جون مختلف مشهور جنسون نمائش لاءِ رکيون ويون هيون. اسٽالن تي رکيل سنڌ جي مشهور کجين جي جنسن ۾ اسيل، ڇوهارو، ڪربلائي، عيد شاهي، ڪپڙو، ڊڪي، ڏيوڍي، اوطاقڻ کڙ، پنجاب جي مشهور جنسن ۾ خرما، شمرن، زاهدي، خيبرپختونخواه جي مشهور جنسن ۾ گلستان، شڪري، بسرا، گبيني ۽ بلوچستان جي کجين جي مشهور جنسن ۾ قلب بيگم، جنگي، ڪافو، موزاپتي،ڇوهارا پائوڊر وغيره شامل هيون. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين طرفان آرٽ گئلري قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ جي شاگردن طرفان ٺاهيل کجين جي حوالي سان ٺاهيل مڪس ميڊيا ۽ ڪولاج پئنٽنگس نمائش لاءِ رکيون ويون هيون. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي اسٽال تي انسٽيٽيوٽ جي شاگردن طرفان کجين ۽ خشڪ ميون مان ٺاهيل بسڪيٽن ۽ لڏوئن جا مختلف آئٽمز نمائش لاءِ رکيا ويا هئا. انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري جي شعبي نيوٽريشن اينڊ فوڊ سائنسز طرفان قائم ڪيل اسٽال تي شاگردن طرفان کجين مان ٺاهيل ڪيڪ، لڏون ۽ چٽڻي جا آئٽمز رکيا ويا هئا. جڏهن ته سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي اسٽال تي هٿ جي هنر جون شيون جن ۾ کجين جي پتن مان ٺهيل پنڊيون، ٽٻڻا، اجرڪ، چادرون، رليون وغيره نمائش لاءِ رکيون ويون هيون.
هن فيسٽيول ۾ صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، سنڌ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو اڳوڻي وزير مبين جماڻي، آء او بي ايم جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر طارق رحيم سومرو، فاسٽ يونيورسٽي جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي ميمڻ، ڊاڪٽر هما بخاري، روٽري ڪلب جي اسلم بلوچ سنڌ يونيورسٽي جي امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، ڊائريڪٽر بيورو آف اسٽيگس اجويد احمد ڀٽي، انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين جي ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد احمد منگي، پرووسٽ گرلز هاسٽل ڊاڪٽر فرحت نورين، سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي استادن ڊاڪٽر اميد علي رند، ڊاڪٽر عبدالرحمان نانگراج، ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو، ڊاڪٽر اڪرم کتري، ڊاڪٽر احمد شاهه، ڊاڪٽر محمد اسلم سولنگي سميت سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردن شرڪت ڪئي.