سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڊيشنل رجسٽرار عبدالمجيد پنهور جي رٽائرمينٽ تي الوداعي تقريب

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو ايڊيشنل رجسٽرار عبدالمجيد پنهور پنهنجي ڊگهي ۽ ڪامياب سروس کان پوءِ رٽائر ٿي ويو آهي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي سربراهيءَ ۾ وائيس چانسلر آفيس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويئي. تقريب ۾ پرو وائيس چانسلر مين ڪئمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمباٽي،رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ساجد قيوم ميمڻ، محمد معشوق صديقي، اجويد ڀٽي، نديم ٻُٽ، نادر علي مغيري، ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو، محمد علي گهانگهرو، احمد علي ڪنڀار، ذوالفقار علي رستماڻي سميت ٻين آفيسرن توڙي عملي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، پرو وائيس چانسلرن ۽ ٻين عبدالمجيد پنهور کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپيون پهرايون، جڏهن ته کيس گلدستا پڻ پيش ڪيا ويا. رٽائر ٿيندڙ آفيسر جا ٻه فرزند به تقريب ۾ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر عبدالمجيد پنهور کي هڪ محنتي ۽ ديانتدار آفيسر قرار ڏنو ۽ چيو ته هن هميشه پنهنجون ذميواريون پوري لڳاءُ ۽ ايمانداريءَ سان ادا ڪيون. هن چيو ته عبدالمجيد پنهور جهڙا مخلص ۽ باصلاحيت آفيسر اداري جو فخر هوندا آهن. سندس خدمتون سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ وسارڻ جوڳيون نه آهن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو وڌيڪ چيو ته اسان سندس خدمتن کي هميشه ياد رکنداسين ۽ سندس کوٽ کي شدت سان محسوس ڪنداسين. عبدالمجيد پنهور پنهنجي پوري حياتي سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ سندس محنت ۽ قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو. تقريب جي آخر ۾ رٽائر ٿيندڙ آفيسر جي خوشگوار زندگيءَ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو ويو.