سنڌ يونيورسٽي پاران تعليمي سال 2025ع تحت بيچلرز ۽ ٽئين سال پنجين سيمسٽر ۾ داخلائن جي خواهشمند اميدوارن لاءِ آخري موقعو، آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ ۾ آخري ڀيرو 2 آڪٽوبر تائين واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2025ع تحت بيچلر ۽ ٽئين سال (پنجين سيمسٽر) ۾ داخلائن جي خواهشمند اميدوارن کي آخري موقعو فراهم ڪندي آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ ۾ 2 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته تعليمي سال 2025ع تحت بيچلرس ۽ ٽئين سال پنجين سيمسٽر پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ آن لائين رجسٽريشن ڪرڻ کان رهجي ويل اميدوارن جي درخواست تي کين آخري موقعو فراهم ڪيو ويو آهي، جنھن بعد هاڻي هو 2 آڪٽوبر 2024ع تائين آن لائن فارم ڀري 3000 رپيا فيس وارو چالان حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. هن اميدوارن کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي ايڊميشن پروسيسنگ فيس ترت جمع ڪرائي وٺن ۽ آخري تاريخ جو انتظار نه ڪن. پڌرائيءَ موجب 2 آڪٽوبر واري ڊيڊلائين پوري ٿيڻ بعد تاريخ ۾ وڌيڪ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/01/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي اينٿروپالاجي ڊپارٽمينٽ جو ٻن ڏي...
View Details → 11/14/2025
1024 x 768
سندھ یونیورسٹی کے اینتھروپالوجی ڈیپارٹمنٹ کا دو ...
View Details → 11/14/2025
1024 x 768
Sports Fest 2025 of Anthropology Department concludes at Sindh University
View Details → 11/14/2025