سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2025ع تحت بيچلرس جي ڊگري پروگرامن ۾ داخلائون: سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر اميدوارن جي رھنمائي لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جو ماڊل پيپر ۽ جوابي ڪاپي جو سيمپل ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2025ع تحت بيچلرس جي مختلف ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ اميدوارن کي تياري ۾ مدد فراھم ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران پري انٽري ٽيسٽ جو ماڊل پيپر ۽ جوابي ڪاپي جو سيمپل جاري ڪيو ويو آهي. ٽيسٽنگ سينٽر جو مقصد اميدوارن کي ٽيسٽ جي نموني ۽ جوابي ڪاپي جي طريقيڪار کان واقف ڪرائڻ آھي، جيئن اُھي ٽيسٽ لاءِ بھتر تياري ڪري سگھن. ماڊل پيپر ۽ جوابي ڪاپي جو سيمپل سنڌ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي موجود آهي، جتي اميدوار آساني سان انھن کي ڊائون لوڊ ڪري سگھن ٿا ۽ ٽيسٽ جي تياري ڪري سگھن ٿا. اھڙن قدمن سان اميدوارن کي ٽيسٽ دوران پيش ايندڙ چئلينجن جو اڳواٽ تجربو حاصل ٿيندو، جنھن سان سندن ڪاميابيءَ جا امڪان وڌي سگھن ٿا. اميدوارن کي وڌيڪ آگاهي لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تان تفصيل حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/01/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو 211هون اجلاس، گذريل...
View Details → 01/01/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی سینڈیکیٹ کا 211واں اجلاس، گزشتہ مالی ...
View Details → 01/01/2026
1024 x 768
SU Syndicate reviews finances, approves previous budget, allows new academic initiatives
View Details → 01/01/2026