سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2025ع تحت بيچلرس جي ڊگري پروگرامن ۾ داخلائون: سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر اميدوارن جي رھنمائي لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جو ماڊل پيپر ۽ جوابي ڪاپي جو سيمپل ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2025ع تحت بيچلرس جي مختلف ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ اميدوارن کي تياري ۾ مدد فراھم ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران پري انٽري ٽيسٽ جو ماڊل پيپر ۽ جوابي ڪاپي جو سيمپل جاري ڪيو ويو آهي. ٽيسٽنگ سينٽر جو مقصد اميدوارن کي ٽيسٽ جي نموني ۽ جوابي ڪاپي جي طريقيڪار کان واقف ڪرائڻ آھي، جيئن اُھي ٽيسٽ لاءِ بھتر تياري ڪري سگھن. ماڊل پيپر ۽ جوابي ڪاپي جو سيمپل سنڌ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي موجود آهي، جتي اميدوار آساني سان انھن کي ڊائون لوڊ ڪري سگھن ٿا ۽ ٽيسٽ جي تياري ڪري سگھن ٿا. اھڙن قدمن سان اميدوارن کي ٽيسٽ دوران پيش ايندڙ چئلينجن جو اڳواٽ تجربو حاصل ٿيندو، جنھن سان سندن ڪاميابيءَ جا امڪان وڌي سگھن ٿا. اميدوارن کي وڌيڪ آگاهي لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تان تفصيل حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/01/2024
Announcements
1024 x 768
سندھالاجی میں کل کتب میلے کی اختتامی تقریب اور "جد...
View Details → 09/15/2025
1024 x 768
The closing ceremony of the book fair and a lecture on the topic "Importance and Usefulnes...
View Details → 09/15/2025
1024 x 768
سنڌالاجي ۾ سڀاڻي ڪتابي ميلي جي اختتامي تقريب ۽ "جد...
View Details → 09/15/2025