سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز پاران بيورو آف اسٽئگس جي سهڪار سان عالمي عيد ميلاد النبي ڪانفرنس جو اهتمام: مقررن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي شخصيت، قرآن ۽ سنت جي تعليمات تي تفصيلي روشني وڌي
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز (عربي ۽ فارسي) پاران بيورو آف اسٽوڊنٽس ٽيوٽورئل، گائيڊنس/ڪائونسلنگ سروسز ۽ ڪو-ڪرڪيولر ايڪٽوٽيز (بيورو آف اسٽيگس) جي سهڪار سان هڪ ڏينهن واري عالمي عيد ميلاد النبي ﷺ ڪانفرنس انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس ۽ مينيجمينٽ جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مقررن خطاب ڪندي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي شخصيت، قرآن ۽ سنت جي تعليمات تي تفصيلي روشني وڌي ۽ استادن توڙي شاگردن نعت پڙهي ڪانفرنس کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي پنهنجي صدارتي خطاب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو مادرعلمي جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن کي حضرت محمد ﷺ جن جي تعليمات تي ان جي اصل روح موجب عمل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. هن چيو ته حضرت محمدﷺ جي زندگي سڀني انسانن لاءِ ڪامياب زندگي گذارڻ جو بهترين مثال آهي هن قرآن ۽ سنت جي عملي پيروي ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته نوجوانن کي قرآن ۽ سنت جي تعليمات موجب زندگي گذارڻ گهرجي. وي سي چيو ته حضرت محمدﷺ جن برداشت، امن، حيا، ايمانداري ۽ انصاف سيکاريو. هن حضرت محمدﷺ جن جي زندگيءَ جا مختلف پهلو بيان ڪيا ۽ اسلامي اصولن جي پيروي ڪرڻ تي زور ڏنو ته جيئين دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته مؤمنن لاءِ عيد ميلاد النبيﷺ هڪ انتهائي اهم مذهبي ڪٺ آهي، جتي هو الله تعاليٰ جا شڪر ۽ احسان مڃين ٿا، جنهن ڪائنات کي حضرت محمدﷺ جن جي آمد سان نوازيو. فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي شاگردن ۽ استادن کي حضرت محمدﷺ جن جي تعليمات جي پيروي ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ سندن تعليمات کي موجوده چئلينجن تي قابو پائڻ لاءِ “هدايتي روشني” قرار ڏنو. ڊاڪٽر سانگي حضرت محمدﷺ پاران انسانيت لاءِ محبت ۽ همدردي جي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اهو به واضح ڪيو ته حضرت محمد ﷺ جن هڪ اهڙو انصاف وارو سماج قائم ڪيو، جتي هر ماڻهو، بنا ڪنهن دولت يا سماجي حيثيت جي، وقار سان زندگي گذاري رهيو هو. ڊپارٽمينٽ آف پولٽيڪل سائنس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر زور ڀريو ته حضرت محمدﷺ جن جي تعليمات سندن پيروڪارن کي ظلم خلاف ڳالهائڻ ۽ محروم طبقن جي مدد ڪرڻ سيکاري ٿي، جيڪو سندن ايمان جو لازمي حصو آهي. هن چيو ته اڄ، جڏهن دنيا ۾ ورهاڱو ۽ ظلم وڌي رهيو آهي، حضرت محمدﷺ جن جي محبت، برداشت ۽ انساني حقن جي پيغام کي عام ڪرڻ لازمي ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حضرت محمدﷺ سڀني ماڻهن سان ڪنهن به عقيدي بنا احترام ۽ وقار سان پيش ايندو هو. اسانکي ضرور سندن ڏسيل واٽ تي هلڻ گهرجي. ڊپارٽمينٽ آف سنڌي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر نور محمد شاهه چيو ته حضرت محمدﷺ جن جي مبارڪ زندگي، پاڪيزه ڪردار ۽ شاندار رويو سموري انسانيت لاءِ روشنيءَ جو مينار آهن. هن چيو ته حضرت محمدﷺ جو هر لفظ ۽ عمل ان ڳالهه جو درس ڏئي ٿو ته ڪيئن انسان محبت، برداشت ۽ انصاف جي آفاقي اصولن کي اپنائي خوشحالي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته حضرت محمدﷺ پنهنجي پيروڪارن ۾ اتحاد، محبت ۽ ڀائيچاري جا قدر پيدا ڪيا، جيڪي اسان جي سماجي ۽ معاشي چئلينجن کي حل ڪرڻ جا اصول آهن. منهاج يونيورسٽي لاهور جي پروفيسر ڊاڪٽر مظهر محمود علويءَ غريبن جي مدد ڪرڻ، بک ۽ غربت سان وڙهندڙ ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ ۽ هر ڪنهن جي مدد ڪرڻ جي عادت اپنائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته اچو ته هن موقعي تي عزم ڪريون ته اسان پنهنجا اختلاف ختم ڪري گڏجي پنهنجي محبوب ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪنداسين. برطانيا مان ڊاڪٽر منير احمد الازهري ڪانفرنس کي پنهنجي ورچوئل خطاب ۾ هڪ مربوط تعليمي نظام جي ضرورت تي روشني وڌي، جيڪو مذهبي ۽ دنياوي ٻئي علم فراهم ڪري. هن چيو ته حضرت محمدﷺ جن اعليٰ خوبين ۽ قدرن جا مڪمل پيڪر ۽ عالمِ انسانيت لاءِ ڪامل رهنما آهن. هن زور ڏنو ته سڀني مسلمانن جي ڪاميابي جو راز نبي ڪريم صلعم جن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ ۾ آهي. مصر جي الازهر يونيورسٽي جي ڊاڪٽر اسد علي الازهري 12 ربيع الاول جي اهميت تي روشني وجهندي ماڻهن کي حضرت محمدﷺ جن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي. ان موقعي تي استادن غلام ثاقب ٻرڙو، ڊاڪٽر جبين ڀٽو، ڊاڪٽر بشريٰ ميمڻ ۽ ڪيترن ئي شاگردن نعتون پيش ڪيون. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز (عربي ۽ فارسي) جي ڊائريڪٽر داڪٽر صاحبداد سڪندري، انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، بيورو آف اسٽئگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صنوبر رحمان شيخ، نظر حسين چانڊيو، شاهد حسين لاڙڪ، ڊاڪٽر محمد علي لغاري، ڊاڪٽر پسند علي کوسو، ڊاڪٽر نذير حسين بروهي، ملٽري اسٽيٽ آفيسر حيدرآباد ڪرنل بابر علي چوڌري، غلام مرتضيٰ سومرو، محمد رضا چانڊيو، ناهيد آرائين ۽ جمشيد علي جنجهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.