سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2025ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ منعقد: مجموعي طور 21809 اميدوارن مان 1938 شاگردياڻين سميت 9787 اميدوارن حصو ورتو

 سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2025ع تحت مختلف بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ مرحليوار ٽيسٽ جي شروعات ٿي ويئي آهي ۽ گذريل ڏينهن 1938 فيميل سميت ڪل 9787 اميدوارن پهرئين مرحلي ۾ ٽيسٽ ڏني. يونيورسٽيءَ جي مختلف 70 بيچلر ڊگري پروگرامز جي تقريبن 11000 سيٽن لاءِ 21809 اميدوارن درخواستون ڏنيون آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪهوڙو ٽيسٽ جي عمل جو جائزو ورتو ۽ ان کي خود مانيٽر ڪيو. هن امتحانن جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، جيڪي مختلف ڪميٽين ڪيا هئا. ان دوران سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس جو پرو وائيس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور، پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر رابعه اسماء ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر تانيا مشتاق، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر غلام شبير عباسي، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو، ڊاڪٽر علي نواز سيال، منور راڄڙ، ڊاڪٽر غلام ثاقب ٻرڙو ۽ ٻيا وائيس چانسلر سان گڏ هئا. ٽيسٽ صبح جو ساڍي ڏهين وڳي شروع ٿي ۽ 90 منٽن تائين جاري رهي. فيميل اميدوارن لاءِ انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪئمسٽري، انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۽ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ۾ ڌار بلاڪ قائم ڪيا ويا هئا، جڏهن ته 9787 ميل اميدوارن کي فئڪلٽي آف آرٽس، ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز، ڊپارٽمينٽ آف زولاجي، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪمسٽري ۽ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ ويهاريو ويو هو. داخلا ٽيسٽ جي پهرئين مرحلي ۾ اميدوارن سنڌ جي مختلف ضلعن کان شرڪت ڪئي، جن ۾ دادو مان 458 فيميل سميت 1809، اميدوار، گهوٽڪيءَ مان 30 فيميل سميت 598 اميدوار، جيڪب آباد مان 39 ڇوڪرين سميت 292 اميدوار، ڪراچي ڊويزن مان 21 شاگردياڻين سميت 50 اميدوار، ڪشمور – ڪنڌڪوٽ مان 20 فيميل سميت 278 اميدوار، خيرپور ميرس مان 93 شاگردياڻين سميت 790 اميدوار، لاڙڪاڻي مان 131 ڇوڪرين سميت 710 اميدوار، مٽياريءَ مان 205 شاگردياڻين سميت 773 اميدوار، نوشهري فيرو مان 248 فيميل سميت 1184 اميدوار، قمبر-شهدادڪوٽ مان 123 فيميل سميت 661 اميدوار، سانگهڙ مان 380 ڇوڪرين سميت 1411 اميدوار، شهيد بينظير آباد مان 95 فيميل سميت 526 اميدوار، شڪارپور مان 54 ڇوڪرين سميت 333 اميدوار ۽ سکر مان 9 شاگردياڻين سميت 232 اميدوارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان مان 22 عورت اميدوارن سميت 140 اميدوارن شرڪت ڪئي. ٽيسٽ جي شروعات کان پوءِ سوشيالاجي شعبي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو امتحانن جي منظم ۽ پرامن انعقاد کي بهترين حڪمت عمليءَ جو نتيجو قرار ڏنو. هن چيو ته ٻن مرحلن ۾ ٽيسٽ وٺڻ سان اميدوارن جي وڏي انگ سبب ٿيندڙ مسئلن کان بچڻ ۾ مدد ملي ۽ خرچن کي به گهٽ رکيو ويو. هن ٻڌايو ته هن سال اميدوارن جو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، جيڪو هن اداري ۾ فراهم ٿيندڙ تعليم جي معيار تي شاگردن ۽ سندن والدين جي اعتماد جو ثبوت آهي. هن چيو ته ٽيسٽ دوران اميدوارن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون ويون.