سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بيورو آف اسٽيگس جي اهتمام هيٺ انٽر ڊپارٽمينٽ ٽه ٻولي تقريري ۽ ملي نغما مقابلا منعقد، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڀرپور مقابلا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽيگس سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ڊپارٽمينٽ آف جنرل هسٽري، پاڪستان اسٽڊيز سينٽر ۽ ڊپارٽمينٽ آف پوليٽيڪل سائنس جي تعاون سان “اسان جو پاڪستان” پروگرام تحت انٽر ڊپارٽمينٽل ٽه ٻولي تقرير ۽ ملي نغما مقابلن جو اهتمام ڪيو. شاگردن جي هڪ وڏي انگ جوش ۽ دلچسپيءَ سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ حب الوطنيءَ جي جذبي جو ڀرپور اظهار ڪيو. تقريب جي شروعات انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ جي آڊيٽوريم ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي، جنهن جي سعادت پروفيسر نظر حسين چانڊيو حاصل ڪئي. ان کان پوءِ غلام ثاقب ٻرڙو نعت پيش ڪئي، جنھن پوءِ قومي ترانو وڄايو ويو. ان کان پوءِ ڊپارٽمينٽ آف جنرل هسٽري جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عرفان شيخ ۽ بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صنوبر رحمان شيخ آجياڻي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هنن تقريب جي ڪامياب انعقاد تي استادن، شاگردن ۽ ججن جو ٿورو مڃيو. مقابلن ۾ ٽن ٻولين انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۾ تقريرون شامل هيون. هر زبان ۾ تقريرن لاءِ ٻه ٻه جج مقرر ڪيا ويا هئا. تقريري مقابلي ۾ ڪامياب ٿيلن جو اعلان ججن ڪيو. انگريزي تقرير ۾ ڊپارٽمينٽ آف پوليٽيڪل سائنس جي انفال سومرو، انسٽيٽيوٽ آف لا جي آڪاش گوپانگ ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر جي عمر غني ترتيبوار پهرين، ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. سنڌيءَ ۾ ٿيل تقريري مقابلي ۾ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر جي سجاد لغاري، ڊپارٽمينٽ آف فلاسافي جي محمد اسامه ۽ انسٽيٽيوٽ آف لا جي نرمل عارف ترتيبوار پهرين، ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن ماڻي. اردو تقريري مقابلي ۾ اردو شعبي جي ايمان پهرين، اڪنامڪس شعبي جي مازيه شيخ ٻئين ۽ جنرل هسٽري شعبي جي مسڪان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. ان کان علاوه ملي نغمن جي مقابلن جي نتيجن جو اعلان پڻ ڪيو ويو. پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي جعفر حسين پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، پوليٽيڪل سائنس شعبي جي فاطمه، همام خان، نمرا ۽ قيوم اشفاق گڏيل طور ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي فاليه قاضي ٽئين پوزيشن ماڻي. بعد ۾ پوزيشنون ماڻيل اميدوارن ن کي شيلڊون ڏنيون ويون، جڏهن ته رضاڪارن، منتظمن توڙي سهڪار ڪندڙن کي سندن خدمتن عيوض سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويو. تقريب ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، پوليٽيڪل سائنس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر، ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري، پروفيسر جان عالم سولنگي، پروفيسر خليق مهيسر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.