سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون “نفسياتي فلاح ۽ مشاورت وارو سيل“ قائم: دماغي صحت جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پوسٽر نمائش ۽ آگاهي واڪ پڻ منعقد
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ذهني صحت جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي نفسيات جي شعبي ۾ پهريون نفسياتي فلاح ۽ مشاورت جو سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي. هي انقلابي قدم سڄي سنڌ جي شاگردن ۽ نوجوانن کي صلاح مشوري جون خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ کنيو ويو آهي. دماغي صحت جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد ڪيل هڪ تقريب دوران سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو نفسياتي فلاح ۽ مشاورت سيل جو باضابطا افتتاح ڪيو ويو. افتتاح سان گڏوگڏ ڊپارٽمينٽ آف سائيڪالاجي پاران ان موقعي جي مناسبت سان پوسٽر نمائش ۽ آگاهي واري واڪ پڻ منعقد ڪئي ويئي. پوسٽر نمائش نفسيات واري شعبي جي مک هال ۾ منعقد ڪئي ويئي، جنهن جو مقصد شاگردن ۽ استادن جي ذهني صحت جي مسئلن جي شعور کي وڌائڻ ۽ آرٽ ذريعي مثبت سوچ کي هٿي ڏيڻ هو. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو مثبت ذهني صحت برقرار رکڻ لاءِ بامقصد لاڳاپا قائم ڪرڻ، ٻين کي معاف ڪرڻ ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي زور ڏنو. هن شاگردن جي تخليقي صلاحيتن ۽ محنت کي ساراهيندي چيو ته پوسٽر ذريعي اظهار جو عوام ۾ شعور ۽ ذهني صحت جي حوالي سان گهرو اثر پئجي سگهي ٿو. پوسٽر ٺاهڻ هڪ فن آهي ۽ انهيءَ فن ۾ ذهن ۽ دلين کي ڇهڻ جي هڪ منفرد صلاحيت موجود آهي، جيڪا شعور پکيڙڻ جو هڪ مؤثر ذريعو آهي. هن شيزوفيرونيا جي عالمي چئلينج تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 26 ملين ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا آهن، جيڪي جسماني بيمارين ۽ سگريٽ نوشي جي ڪري ننڍي ڄمار ماڻين ٿا. پوسٽر جي نمائش ۾ تقريبن 40 نفسيات جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ڪم ڏيکاريو ويو، جن مان هر هڪ مشڪل ماحول ۾ صحتمند رهڻ جي اهميت تي ڌيان ڏئي ٿو. پوسٽرن تي فڪر انگيز پيغام لکيل هئا، جيڪي ڏسندڙن کي زندگيءَ جي بنيادي قدرن جهڙوڪ پيار، اميد، رواداري ۽ سخاوت تي توجه ڏيڻ لاءِ ترغيب ڏيئي رهيا هئا. نفسيات جي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر منيزا ملڪ چيو ته اها مادي دولت نه پر انساني قدر آهن جيڪي هڪ خوشحال ۽ مطمئن زندگيءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. هن ڊپارٽمينٽ جي عالمي ذهني صحت واري ڏينهن کي ملهائڻ جي پراڻي روايت جو ذڪر ڪندي چيو ته هن سال “ڪم واري جي جڳهه تي ذهني صحت“ جي موضوع تي اهو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. دماغي صحت جو عالمي ڏينهن 1992 ۾ ورلڊ فيڊريشن آف مينٽل هيلٿ پاران شروع ڪيو ويو هو، جيڪو هاڻي هڪ سالياني تقريب بڻجي ويو آهي، جنهن جو مقصد ذهني صحت جي مسئلن بابت آگاهي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا ۾ بهتر ذهني صحت جي حمايت لاءِ ڪوششون وٺڻ آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جون ڪوششون، نفسياتي ڀلائي ۽ مشاوت سيل جي قيام ۽ انهن جي متحرڪ آگاهي واري سرگرمين ذريعي هن خطي ۾ ذهني صحت جي منظرنامي ۾ اهم ڪردار جون علامت آهن. تقريب ۾ ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر لبنيٰ احمد سومرو کان سواءِ وڏي انگ ۾ استادن توڙي شاگردن شرڪت ڪئي.