سنڌ يونيورسٽي ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو، وائيس چانسيلر پاران افتتاح، پهرين ئي ڏينهن ڇهن شعبن جي 35 پي ايڇ ڊي اسڪالرن کان گيٽ سبجيڪٽ ٽيسٽ ورتي وئي، پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي لاءِ 12 ٽيچنگ اسسٽنٽس کان به امتحان ورتو ويو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڊجيٽل اڪيڊيميا جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويئي، جڏھن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ جديد ترين ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ٽيسٽ جي روايتي پيپر بيسڊ ٽيسٽ کان هٽي وائيس چانسلر ڪمپيوٽر تي ”انٽر“ ڪلڪ ڪري نئين آن لائن ٽيسٽنگ پليٽ فارم جو باقاعدي آغاز ڪيو، جيڪو داخلا ۽ ڀرتين جي امتحاني عمل کي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. افتتاحي تقريب دوران سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو وائيس چانسلر کي تفصيلي بريفنگ ڏني، جنهن دوران هن نئين ڊجيٽل پليٽ فارم تي مستقبل ۾ مختلف ٽيسٽن جي طريقيڪار ۽ ان جي آپريشنل خصوصيتن بابت آگاهي ڏني. نئين سسٽم جي ڪارڪردگي جو فوري طور جائزي وٺڻ جو اهتمام پڻ ڪيو ويو. ان دوران ڇهن مختلف تعليمي شعبن جينيٽڪس، فريش واٽر بائلاجي اينڊ اڪوئٽڪ سائنس، ڪرمنالاجي، انٽرنيشنل رليشنز، اڪنامڪس ۽ فزيالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ 35 اميدوارن ڪمپيوٽرن ذريعي يونيورسٽي جي گريجوئيٽ اسيسمينٽ ٽيسٽ (گيٽ) سبجيڪٽ ٽيسٽ ڪاميابي سان ڏني. ساڳئي وقت پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ ٽيچنگ اسسٽنٽس جي ڀرتين لاءِ پڻ 12 اميدوارن ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽ ڏني. پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ذاتي طور امتحاني سينٽرن جو دورو ڪيو، ۽ هلندڙ امتحاني عمل جو جائزو ورتو. هن نئين سي بي ٽي سسٽم تي ڪاميابيءَ سان عملدرآمد ٿيڻ تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان کي يونيورسٽي لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. پي وي سي مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوسيم شيخ، پروفيسر اميد علي رند، پروفيسر رفيق ملاح، عبدالرحمان نانگراج ۽ ٻيا پڻ انهي موقعي تي موجود هئا.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/21/2025
Announcements
1024 x 768
جامعہ سندھ میں جانوروں کا عالمی دن منایا گیا، بے ز...
View Details → 11/21/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ یونیورسٹی کمپیوٹر بیسڈ ٹیسٹنگ سسٹم مت...
View Details → 11/21/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ سسٽم متعارف ڪر...
View Details → 11/21/2025