سنڌ يونيورسٽي ۾ سيمينار جو اهتمام، نومبر ۾ صوبائي حڪومت پاران شروع ٿيندڙ انٽرنشپ پروگرام بابت ڄاڻ فراهم ڪئي ويئي

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سوشالاجي شعبي جي آڊيٽوريم ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن کي ادائگي واري انٽرنشپ پروگرام ۾ چونڊ لاءِ درخواست ڏيڻ جي عمل بابت ڄاڻ فراهم ڪئي وئي. هي انٽرنشپ پروگرام سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي پاران تازو گريجوئيشن ڪندڙن لاءِ نومبر 2024 کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن تحت چونڊيل اميدوارن کي هر مهيني 40 هزار رپيا معاوضو فراهم ڪيو ويندو. ڄاڻايل سيمينار سنڌ يونيورسٽي پاران گرين برڪس فائونڊيشن سان گڏجي منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن، انساني حقن جي ماهرن ۽ اهم سرڪاري نمائندن شرڪت ڪئي. سنڌ يونيورسٽي جي سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو انساني حقن جي اهميت ۽ انهن جي تحفظ تي روشني وڌي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو سماجي انصاف ۽ برابري کي فروغ ڏيندڙ سرگرمين ۾ فعال حصو وٺن. هن چيو ته نومبر ۾ لانچ ٿيندڙ انٽرنشپ پروگرام ۾ گريجوئيشن مڪمل ڪيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڀرپور بهرو وٺن. گرين برڪس فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر زاهد ٿيٻو انساني حقن جي اصولن ۽ نوجوانن جي حقن جي اهميت تي هڪ دلچسپ پريزنٽيشن ڏني. هن زور ڀريو ته نوجوانن کي حقن ۾ برابري ۽ سماجي انصاف لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. انساني حقن واري کاتي جي ڊائريڪٽر آغا فخر، جنهن سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، انٽرنشپ پروگرام بابت تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن پروگرام جا مقصد ۽ اهليت جا معيار ٻڌايا ۽ درخواست ڏيڻ جي طريقيڪار کان پڻ آگاهه ڪيو. انساني حقن واري کاتي جي ريسرچ آفيسر نازيه ناز انساني حقن بابت تحقيق جي تجربي کي بيان ڪيو ۽ ميدان ۾ تشخيص/ سڃاڻپ جي مختلف طريقيڪار بابت وضاحت ڪئي. هن شاگردن کي تحقيق ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي مهارتن کي وڌائڻ جي ترغيب ڏني، جيڪي انساني حقن جي معيارن کي مانيٽر ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهن.