مقررن استاد بخاري کي عوامي احساسن ۽ جذبن جو ترجمان شاعر قرار ڏئي ڇڏيو ، ويهين صدي سندس ذڪر کان سواءِ اڌوري رهندي: مقرر

سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاري جي ورسي جي سلسلي ۾ “استاد بخاري جي شاعري ۾ فڪر جو جهان” جي موضوع تي ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ نامياري ليکڪ ۽ دانشور جامي چانڊيو خصوصي مهمان طور شريڪ ٿي موضوع جي مناسبت سان ليڪچر ڏنو. اداري جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ استاد بخاري جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ڳالهائيندي جامي چانڊيي چيو ته ويهين صدي تحريڪن جي صدي آهي، جنهن جا اثر ادب، شاعري، سياست سميت زندگيءَ جي هر شعبي تي پيا. هن چيو ته ان صدي  ۾سنڌي ادب ۾ نون رجحانن ۽ ترقي پسند فڪر کي هٿي ملي. ان دور ۾ جتي شيخ اياز جي نئين ولولي سان ڀرپور شاعري قومي تفڪر ۾ نئون اڀار آندو ۽ اياز کي پنهنجي دور جي مهندار شاعر وارو رتبو مليو، اتي ان ساڳي صدي ۾ استاد بخاري جي عوامي رنگ ۾رچيل شاعري جهر جهنگ ۾ ڦهلجي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. هن چيو ته استاد بخاري سندس والد جو ويجهو دوست هو ۽ ٻنهي دادو ۾گڏ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون، اها سندس خوشنصيبي آهي ته کيس استاد بخاري جي ويجهو رهڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته مان شاعرن وچ ۾ ڀيٽ ڪرڻ جي خلاف آهيان، اياز جي پنهنجي الڳ شاعراڻي اڏام آهي ۽ بخاري جو پنهنجو انداز آهي. ٻنهي پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ پاڻ ملهايو آهي. هن چيو ته بخاري رومانوي، انقلابي ۽ عقلي شاعر آهي،  موسيقي جو ماڻهو هجڻ ڪري سندس شاعري موسيقيت سان ڀرپور آهي. جامي چانڊيي پنهنجي ليڪچر ۾ وڌيڪ چيو ته بخاري ويهين صدي جي جديد شاعري جي وڏن شاعرن مان هڪ آهي، عقليت پسندي، موسيقيت، جماليات ۽ سيڪيولر ازم سندس شاعري جي سونهن آهن، هن جنهن به موضوع تي لکيو آهي، ڀرپور انداز ۾ لکيو آهي. هن چيو ته استاد بخاري طبيعتن سادو ۽ نفيس شخصيت جو مالڪ هو، هن جي شاعري ٻهراڙي جي عوامي رنگ ۾ رچيل آهي، ان سبب جي ڪري ئي کيس عوامي شاعر طور  ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن چيو ته بخاري جي شاعري آدرشن ۽ اتساهه سان ڀرپور آهي، سندس شعرن ۾ تفڪر جو جهان ڀريل آهي. ويهين صدي جي سنڌي شاعري سندس ذڪر کان سواءِ اڌوري رهندي. ان موقعي تي پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف سڀني شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ ليڪچر پروگرام جي مقصدن تي روشني وڌي.هن چيو ته استاد بخاري جذبن ۽ احساسن جو شاعر آهي، جنهن جي شاعري پڙهندي سوچ ويچار جي ضرورت ئي نه ٿي پئي، اها ايتري ته چٽي ۽ عوامي رنگ ۾ رڱيل آهي جو اکين مان ٿي دل ۾ لهي وڃي ٿي ۽ ذهن تي پنهنجا ڀرپور اثر ڇڏي ٿي. هن چيو ته استاد بخاري جي شاعري  پنهنجي ماڻهن جي احساسن جي ترجمان ۽ سندن دلين جو آواز آهي. هن چيو ته اداري طرفان نامور شخصيتن کي ياد ڪرڻ جو مقصد سندن خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ،  پنهنجي نئين نسل خصوصي طور تي شاگردن کي سندن  ڪم ۽ ڪردار کان واقفيت ڏيڻ به آهي ته جيئن اهي انهن مان اتساهه ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگهن. تقريب ۾ نامياري راڳي استاد امير علي خان، منصور علي عباسي ۽ الطاف راجا شاهه سائين ۽ بخاري جا ڪلام پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو. تقريب جي ڪمپيئرنگ سنڌالاجي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر غلام رسول چانڊيو ڪئي. هن تقريب ۾سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سربراهن، نامور علمي ادبي شخصيتن جن ۾ڊاڪٽر نور محمد شاهه، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، ڊاڪٽر ريحانه ملاح، ڊاڪٽر ڀائي خان شر، علي دوست عاجز، عزيز گوپانگ، لياقت رضوي، ناز سهتو، پروفيسر انور منصور مڱريو،  ڊاڪٽر رشيده ڀٽي، نور بالادي، منير چانڊيو ۽ ٻيا شامل هئا شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/13/2026
Announcements
1024 x 768
مقررن استاد بخاري کي عوامي احساسن ۽ جذبن جو ترجماÙ...
View Details → 10/13/2026
1024 x 768
مقررین نے استاد بخاری کو عوامی احساسات اور جذبات Ú...
View Details → 10/13/2026
1024 x 768
Ustad Bukhari’s poetry is the voice of the people’s hearts, speakers say at SU lecture
View Details → 10/13/2026