سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيجز عربي ۽ فارسي پاران انگريزي ٻوليءَ ۾ غلط استعمال ٿيندڙ عربي زبان جي نالن ۽ اصطلاحن جي درستگيءَ بابت سيمينار، پنجاب کان آيل اسڪالر ساجد حسين ليڪچر ڏنو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيجز عربي ۽ فارسي پاران انگريزي ٻوليءَ ۾ غلط استعمال ٿيندڙ عربي ٻوليءَ جي نالن ۽ اصطلاحن جي درستگيءَ بابت سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پنجاب کان آيل اسڪالر ساجد حسين ليڪچر ڏنو. سيمينار جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪئي ويئي. سيمينار کي صدارتي خطاب انسٽيٽيوٽ آف لينگئيجز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مفتي محمد صاحبداد سڪندري ڪيو. پنجاب کان آيل خصوصي اسڪالر ساجد حسين پنهنجي ليڪچر دوران خالص عربي لفظن ۽ اصطلاحن جي استعمال بابت تفصيلي ڳالهايو. هن چيو ته انگريزي ٻوليءَ ۾ لفظ ‘الله’ جي جاءِ تي ‘گاڊ’ استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ان کي عربي زبان ۾ اسم خاص چيو وڃي ٿو، اسم خاص جو انگريزيءَ ۾ ترجمو نٿو ڪري سگهجي.. هن چيو ته اصول اهو آهي ته گاڊ جي جاءِ تي ‘الله’ ئي لفظ استعمال ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته انگريزيءَ ۾ الله جي نالي کي الله، رب يا خدا طور لکي پڙهي سگهجي ٿو. هن چيو ته انگريزيءَ ۾ جيڪو الله جي جاءِ تي گاڊ لکيو وڃي ٿو، سو معنيٰ جي اعتبار کان بنهه غلط آهي، گاڊ بتن کي به چيو ويندو آهي، جڏهن ته الله جي ذات جو ڪو مثال نه آهي، ان لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ به الله جي لاءِ لفظ الله جي استعمال کي ترجيح ڏني وڃي. هن چيو ته ساڳئي طريقي سان لفظ ‘نبي’ يا ‘رسول’ لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ ‘پرافيٽ’ لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو، اهو به غلط استعمال ٿي رهيو آهي، جنهن جي انگريزي لغتن جي اعتبار سان نجومي معنيٰ نڪري ٿي. هن چيو ته اهڙيون ڪيئي معنائون آهن، جيڪي اڻوڻندڙ آهن، ان لاءِ جڏهن به حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن لاءِ رسول يا نبي جو لفظ استعمال ڪرڻو هجي ته عربيءَ جو ئي لفظ انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو وڃي. هن چيو ته ان قسم جا لفظ اسان جي درسي ڪتابن ۾ به استعمال ٿين ٿا، اسان ڪوشش ڪري پنجاب ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي درخواست ڏيئي اهڙن لفظن کي درست ڪرايو آهي، ان سان گڏوگڏ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي به درخواست ڏيئي حڪومت پاڪستان جو ڌيان ان طرف ڇڪرايو آهي. ساجد حسين چيو ته هاڻي سندن اها ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ به عربي ٻوليءَ جي اسلامي سڃاڻپ رکندڙ لفظن جو استعمال درست طريقي سان ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو سنڌ يونيورسٽي اچڻ جو مقصد به صرف اهوئي آهي. سيمينار ۾ ڊاڪٽر نظر حسين چانڊيو پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. انسٽيٽيوٽ آف لينگئيجز جي استادن محمد عبدالصمد، احمد رضا چانڊيو، جمشيد احمد چنجڻي ۽ مختلف شعبن جي شاگردن شرڪت ڪئي.