سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي اینڊ هيلٿ سروسزوچ ۾ ايمرجنسي ريسپانس ۽ تحقيق کي بهتر بنائڻ لاءِ تاريخي ڀائيواري، مفامت جي ياداشت تي صحيحون؛ معاهدي تحت ريسڪيو 1122 جي هڪ گاڏي ۽ هڪ هيوي اسڪوٽر سنڌ يونيورسٽي ۾ موجود رهندا، وي سي ۽ سروس جي سي اِي او معاهدي کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي اينڊ هيلٿ سروسز پاران تعليمي مھارت ۽ فرنٽ لائين ايمرجنسي ريسپانس جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم طور گذريل ڏينهن هڪ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. يونيورسٽيءَ ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي اينڊ هيلٿ سروسز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برگيڊيئر (ر) طارق قادر لاکير ڄاڻايل معاهدي تي صحيحون ڪيون، جيڪو مختلف پهلوئن تي مشتمل معاهدو آهي. هن معاهدي تحت ڪئمپس ۾ 1122 ايمرجنسي ٽيڪ آف پوائنٽ قائم ڪيو ويندو، شاگردن ۽ استادن کي بنيادي زندگي بچائڻ واري تربيت فراهم ڪئي ويندي ۽ ايمرجنسي سروسز شعبي ۾ اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي جي شاگردن لاءِ منظم انٽرنشپ پروگرام جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. ٻنهي ادارن جي سربراهن ڄاڻايل قدم کي تبديلي جو اهم ذريعو ۽ تاريخي قرار ڏيندي ان ۾ تحقيق ۽ تربيت جا موقعا پڻ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته هي شراڪت نظريي ۽ عمل جي وچ ۾ هڪ ضروري پل جو ڪم ڪندي شاگردن کي سماجي ضرورتن سان لاڳاپيل غير معمولي موقعا فراهم ڪندي. سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي اينڊ هيلٿ سروسز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برگيڊيئر (ر) طارق قادر لاکير زور ڀريو ته موجوده سهڪار ذريعي ڪميونٽي تائين بهتر انداز ۾ پهچڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته جديد ريسڪيو 1122 ھڪ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي مئنيجمينٽ سسٽم ۾ ترقي ڪري رهيو آهي جتي اھڙيون تعليمي ڀائيواريون انتھائي ضروري آھن. سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي اينڊ هيلٿ سروسز جي ڊائريڪٽر آپريشن لطف مڱريو چيو ته هي معاهدو فيلڊ آپريشنز جي معيار ۽ ڪارڪردگي کي وڌائيندو. اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي شعبي جي انچارج چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا پنھجي شعبي جي ڪردار کي واضح ڪندي چيو ته ذهني صحت جي بهتريءَ لاءِ اينٿروپالاجي جو ڪردار نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اينٿروپالاجي اهڙو علم آهي، جنهن سان بحراني صورت ۾ سماجي-ثقافتي عنصر کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي، هي علم اهو يقيني بڻائي ٿو ته تحقيق سروسز جي فراهمي کي بهتر بڻائيندي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق ڄاريڪو چيو ته مفاهمت جي يادداشت يونيورسٽيءَ جي سماجي خدمت ۽ روزگار لاءِ تيار گريجوئيٽس تيار ڪرڻ جي مشن موجب آهي. آفيس آف ريسرچ، انوويشن ۽ ڪمرشلائيزيشن جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر فرحت نورين ميمڻ تقريب شريڪ مهمان جو ٿورو مڃيو ۽ پڌرو ڪيو ته معاهدي کي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل لاءِ ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي عهد کي يقيني بڻايو ويو آهي.