سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز جي پي وي سي ۽ سندس شاگردياڻي کي بينظير يونيورسٽي نواب شاھ ۾ ٿيل ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ سنڌي ٻولي واري عالمي ڪانفرنس ۾ بھترين مقالا پيش ڪرڻ تي شيلڊون پيش

سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز جي پرو وائس چانسلر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاھ ۽ ڪيمپس جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي آخري سال جي شاگردياڻي ماريہ سومرو کي شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاھ ۾ ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ سنڌي ٻولي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي بھترين تحقيقي مقالا پيش ڪرڻ تي شيلڊن سان نوازيو ويو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ بينظير يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھ ۽ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي اڳوڻي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو انعامي شيلڊون پيش ڪيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر اظھر علي شاھ چيو تہ سندن پيش ڪيل تحقيقي مقالن ۾ ساڻن گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي انچارج خالد شيخ ۽ ڪمپيوٽر سائس آخري سال جي شاگرد احسن مغل جون ڪاوشون پڻ شامل آھن. ھن چيو ته سندن گڏيل ڪوششن سان ڪيمپس کي اھو اعزاز مليو آھي. ھن چيو ڄاڻايل اعزاز ڪيمپس جي ٻين سمورن استادن ۽ شاگردن لاء ھڪ مثال آھي تہ ھو پڻ محنت ڪري پنھنجي مضمون ۾ وڌيڪ مڃتا ماڻڻ سان گڏ پنھنجي معاشري جي ترقي لاء اڳڀرائي ڪن