سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌ ايڇ اي سي انٽر يونيورسٽي بيت بازي مقابلا-2024: حاضرين کي خوشي ۽ غم جي شعرن پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو
سنڌ ايڇ اي سي انٽر يونيورسٽي بيت بازي مقابلا-2024 سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مينيجمينٽ جي مرڪزي آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيا، جن ۾ اردو ادب جي لازوال خوبصورتي ۽ شاعري جي مهارت جو شاندار مظاهروڪيو ويو.. سنڌ يونيورسٽي جي بيورو آف اسٽئگس پاران منعقد ڪيل هن شعري مقابلن ۾ سنڌ يويورسٽيءَ جي مختلف شعبن مان ٽيمن حصو ورتو ۽ انهن پنهنجي شعرن ذريعي عشق، محبت، پيار، اداسي، خوبصورتي ۽ درد جي موضوعن کي حاضرين تائين پهچايو. هر ٽيم ٻن ميمبرن تي مشتمل هئي. سموريون ٽيمون جوش ۽ جذبي سان اسٽيچ تي آيون. ججن مقابلي جي شروعات هڪ ٻڻ سٽن وارو شعر ڏئي ڪرائي، جنهن کان پوءِ هر ٽيم کي اڳئين شعر جي آخري حرف سان نئون شعر شروع ڪرڻو هو. ان کان پوءِ خوبصورت شاعري پڙهڻ جو مقابلو شروع ٿيو، جنهن ۾ ٽيمن علامه اقبال، پروين شاڪر، وصي شاه، احمد فراز، فيض احمد فيض، ناصر ڪاظمي، منير نيازي، مير تقي مير، جون ايليا، راحت اندوري ۽ غالب جهڙن عظيم شاعرن جو ڪلام پڙهي حاضرين تي جادو طاري ڪري ڇڏيو. خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ شعر حاضرين کي سوچ جي اهڙي محور تي وٺي پئي ويا، جتي هر طرف محبت ۽ اداسي جا رنگ وکرندي نظر آيا. شاعري ۾ رومانس، جدائي جو درد، عشق، محبت، جنونيت، خوبصورتي ۽ ناڪام محبت جي غم جهڙن موضوعن کي اجاگر ڪيو ويو. هر شعر تي حاضرين زوردار تاڙون وڄائيندا رهيا، جنهن سبب آڊيٽوريم تاڙين ۽ نوجوانن جي هوڪرن سان گونجندو رهيو. ججن ۾ آرٽس فڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي ۽ اردو ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر عابدہ هُما شامل هئا، جيڪي پڻ هر لمحي کي انجواءِ ڪندا رهيا ۽ سندن چهرن تي هر شعر جي جذباتي اثرن ۽ معنيٰ جو عڪس واضح نظر آيو. تقريب جي صدارت پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه ڪئي. هن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اردو شاعري پڙهڻ واري روايت کي زندهه رکڻ ۽ سندن محنت کي خوب ساراهيو. بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صنوبر رحمان شيخ ۽ ڪيترن ئي استادن ۽ شاگردن پڻ هن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حاضرين چانڊوڪي راتين، لڪي لڪي ملڻ وارن نظارن ۽ دلين کي ڇهندڙ شاعريءَ سان لطف اندوز ٿيندا رهيا. سنڌ ايڇ اي سي بيت بازي مقابلن هال ۾ ويٺل سمورن استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو. مقابلن جي آخر ۾ اردو شعبي جي ٽيم ۾ شامل ولياسا غوري ۽ عليزه جاويد کي پهرين پوزيشن سان نوازيو ويو، جڏهن ته انگريزي شعبي جي مسڪان ٻگهيو ۽ اسرا شبير کي رنر اپ ٽرافي سان نوازيو ويو.