سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماهيگيري جي عالمي ڏهاڙي تي سيمينار: ماهرن مڇين جي شعبي کي انساني صحت، پائيداري ۽ معاشي واڌويجهه لاءِ اهم قرار ڏيئي ڇڏيو
سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف فشريز اينڊ اڪويٽڪ سائنس پاران ماهيگيري جو عالمي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو. ان موقعي تي مختلف سرگرميون ترتيب ڏنيون ويون، جن تحت هڪ اهم سيمينار منعقد ڪيو ويو ۽ ڪيترائي اسٽال لڳائي مڇيءَ جي اهميت، ماحولياتي نظام ۾ مڇين جي پالنا ۽ آبي زراعت جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. ماهرن مڇين جي انساني صحت، پائيداري ۽ معاشي ترقيءَ ۾ اهميت کي ڪاميابي سان اجاگر ڪيو. تقريبن جي شروعات نيچرل سائنس فئڪلٽي جي ڊين آفيس جي آڊيو اينڊ وڊيو روم ۾ سيمينار سان ٿيو، جنهن جي صدارت ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور پٺاڻ ڪئي. تقريب ۾ ممتاز علمي ماهرن ۽ مهمانن شرڪت ڪئي، جن ۾ ڊين فئڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، سالياني امتحانن جو ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جو چيئرمين ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ، ڊاڪٽر راشد کهڙو، ڊاڪٽر سوجو مل ميگھواڙ، ڊاڪٽر تانيا مشتاق، پروفيسر اميد علي رند، ڊاڪٽر اياز سمون، ڊاڪٽر قاسم نظاماڻي، ڊاڪٽر شاهه مراد چانڊيو، ڊاڪٽر پسند علي کوسو، عبدالرحمان نگرج، عبدالحميد مھيسر، ڊاڪٽر فيض بروهي، ڊاڪٽر جمشيد وارثي، ڊاڪٽر وقاص جميل ۽ ڪيترائي شاگرد ۽ مھمان شامل هئا. ڊاڪٽر آغا اسد نور پٺاڻ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ مڇين جي ايران ڏانهن اسمگلنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان خطرناڪ عمل کي روڪڻ لاءِ سخت نگراني ۽ حفاظتي قدمن تي زور ڀريو. هن مڇين جي اسمگلنگ جي ماحولياتي ۽ معاشي اثرن تي تفصيل سان روشني وڌي ۽ اڪيڊميا ۽ صنعت جي وچ ۾ خال کي ڀرڻ لاءِ اهم تجويزون پيش ڪيون. هن پائيدار آبي زراعت جي انتظام ۽ آبي زراعت جي شعبي ۾ نظرانداز ٿيل شعبن کي اجاگر ڪيو. حڪومت سنڌ جي فشريز ڊپارٽمينٽ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل معظم خان تازي پاڻي ۽ سامونڊي مڇين کي وڏي تعداد ۾ مارڻ ۽ ماحولياتي تبديلي سبب پيش ايندڙ خطرن تي روشني وڌي. هن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته آبي حياتيات جي تحفظ لاءِ پائيدار مڇي مارڻ واري عمل کي اختيار ڪن. فشريز ۽ آبي سائنس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري مڇي جي شعبي جي وسيع امڪانن تي ڳالهايو ۽ ان جي معيشت ۽ خوراڪ جي تحفظ ۾ ڊگھي مدي واري اهميت تي روشني وڌي. هن چيو ته صحتمند غذا ۽ صفائي بابت جاڳرتا مهم ذريعي عوام کي آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانا بيگم ملاح مڇيءَ کي غذائي خوراڪ طور استعمال ڪرڻ جي فائدن تي زور ڏنو ۽ روزاني غذا ۾ ان کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن خوراڪ جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ بک ختم ڪرڻ لاءِ عوام ۾ جاڳرتا وڌائڻ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو. لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر گلزار عثمان مڇي کائڻ جا طبي فائدا خاص طور دل جي بيمارين کان بچاءَ بابت اهم نقطا ٻڌايا ۽ تفصيلي ڳالهايو. سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بايوڪيمسٽري جي ڊاڪٽر عاطف حسين منگيءَ مڇين جي غذائي اهميت بابت پنهنجا خيال ونڊيا ۽ ان جي اوميگا 3 فيٽي ايسڊز ۽ پروٽينز جي اهميت کي اجاگر ڪيو. شوڪت سومرو عربي سمنڊ ۾ غير قانوني مڇيءَ جي شڪار واري مسئلن تي ڳالهايو ۽ سامونڊي وسيلن جي حفاظت لاءِ سخت قدمن تي زور ڀريو. ڊاڪٽر اسلم جروار، ڊاڪٽر راجيش، ڊاڪٽر شهناز راشد ۽ ٻين پڻ مڇين جي شعبي ۾ پائيدار عمل تي روشني وڌي. سيمينار جي پڄاڻي ڊاڪٽر محمد يونس لغاري جي ٿورا مڃڻ واري تقرير سان ٿي، جنهن بعد سمورن مقررن کانسواءِ ايونٽ جي آرگنائيزرن ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري، ڊاڪٽر بارادي وارياڻي، ڊاڪٽر حميده ڪلهوڙو، ڊاڪٽر منور منهاس، شير زمان ميراڻي ۽ دلاور حسين کي شيلڊون پيش ڪيون ويون. تقريب جي خاص خوبي هڪ ڪوڪنگ مقابلو ۽ اسٽالن جي نمائش هئي، جنهن ۾ فشريز ۽ آبي سائنس شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تريل، فرائي توڙي بار بي ڪيو مڇيءَ جا مزيدار طعام تيار ڪرڻ ۽ اسٽالن کي تخليقي طور سينگارڻ تي پهرين پوزيشن ڏني وئي. اهڙيءَ طرح جاگرافي شعبي ۽ سينٽر فار انوائرنمينٽل سائنسز کي ترتيبوار ٻئين ۽ ٽئين پوزيشنن سان نوازيو ويو. اسٽالن تي مختلف قسمن جي مڇين کي ڀڃي ۽ تري رکيو ويو، جن ۾ فارمنگ، جهنگلي ۽ سامونڊي مڇيون شامل هيون. شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن وڏي شوق سان مڇي کائي ڏٺي.