سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊپارٽمينٽ آف لا پاران پهريون ڀيرو موٽ ڪورٽ مقابلا منعقد: ريووليشنري آرمي پهرين موٽ ڪورٽ مقابلي جي چئمپين قرار، ڪرمزن لاين کي شڪست

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي علامه آءِ آءِ قاضي ڪيمپس ۾ تازو ئي قائم ڪيل ڊپارٽمينٽ آف لا پاران پهريون ڀيرو موٽ ڪورٽ مقابلا منعقد ڪيا ويا، جنهن ۾ ريووليشنري آرمي ۽ ڪرِمزن لاين ٽيمون هڪ دلچسپ عدالتي جنگ ۾ آمهون سامهون ٿيون، جتي انهن قانوني مثالن ۽ فيصلن جي ذريعي شاندار مهارت جو مظاهرو ڪيو. سخت مقابلي کان پوءِ  ججن ريووليشنري آرمي کي چئمپين قرار ڏنو. ڄاڻايل موٽ ڪورٽ مقابلن ۾ مجموعي طور 27 ٽيمون شريڪ ٿيون. فائنل ۾ ريووليشنري آرمي ڪرِمزن لاين کي عدالتي جنگ ۾ هارائي ڇڏيو، جنهن بعد ريووليشنري آرمي کي چئمپين قرار ڏنو ويو. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو رياض حسين وساڻ تقريب ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، جنهن قانوني مشق ۾ تحقيق جي اهميت تي زور ڏنو. هن سنڌ يونيورسٽي جي قانون جي شاگردن جي غيرمعمولي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. تقريب ۾ اعزازي مهمان پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو شاگردن کي تنقيدي سوچ، گڏيل ڪم، رابطي ۽ تخليقي ڪمن جي ذريعي تبديلي کي اپنائڻ لاءِ همٿايو. ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين دانش بشير منگي لا ڊپارٽمينٽ کي عالمي معيار جو ادارو بڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي عالمي قانوني اڳواڻن کي تيار ڪرڻ واري نظرئي سان هم آهنگ رهڻ تي زور ڏنو. ڄاڻايل مقابلا جشن، ٽرافيز ۽ سرٽيفڪيٽس جي ورهاست ۽ موٽنگ سوسائٽي جي صدر سيپ مهدي جي اڳواڻي ۾ تنظيم جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ سان پڄاڻيءَ تي پهتا.