سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلز ۾ ٻيهر الاٽمينٽ 2025ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 28 نومبر تائين واڌ
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بوائز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو ڄاڻايو آهي ته بوائز هاسٽلن ۾ ٻيهر الاٽمينٽ 2025ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 28 نومبر 2024ع مقرر ڪئي ويئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ وڌيڪ ڄاڻايو ته هاسٽلر شاگرد فيس جا چالان پنهنجي اِي پورٽل مان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. ڄاڻايل وقت تي فيس جمع نه ڪرائيندڙ هاسٽلرن جي ري الاٽمينٽ رد ڪئي ويندي. پڌرائي موجب فيس جمع ڪرائڻ بعد هاسٽل ڪاپي بوائز هاسٽل جي اڪيڊمڪ سيڪشن ۾ جمع ڪرائي وڃي.