سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، مختلف تعليمي شعبن ۾ الڳ الڳ تقريبون، رقص جي رنگين وراڪن ڏينهن کي ويتر رنڱي ڇڏيو: ڪئمپس ۾ اجرڪن ۽ ٽوپين جي بهار

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، مختلف تعليمي شعبن ۾ الڳ الڳ تقريبون منعقد ڪيون ويون، جنهن دوران رقص جي رنگين وراڪن ڏينهن کي ويتر رنڱي ڇڏيو. ڪئمپس تي سڄو ڏينهن اجرڪن ۽ ٽوپين جي بهار نظر آئي. شاگردن ۽ استادن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ منعقد ڪيل تقريبن ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي، جنهن سان يونيورسٽي جو ماحول ثقافتي رنگن سان سرشار ٿي ويو. پروگرامن ۾ سنڌ جي امير ثقافتي ورثي ۽ روايتن کي مختلف سرگرمين ذريعي اجاگر ڪيو ويو. وائيس چانسيلر پروفيسر (ايمريٽس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جشن ۾ بهرو ورتو. سڀ کان پهريان رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊپٽي رجسٽرار نديم بٽ ۽ ٻين عملدارن سان گڏجي هن انسٽيٽيوٽ آف فزڪس، فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) جو دورو ڪيو. وائيس چانسيلر شاگردن پاران شاعري پڙهڻ ۽ ڳائڻ جي مقابلن کي خوب ساراهيو ۽ سندن پاران سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ وارين ڪوششن جي پڻ واکاڻ ڪئي. مختلف شعبن ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ڪلھوڙو چيو ته اسان جي ثقافت اسان جي سڃاڻپ جو بنياد آهي ۽ ان جي حفاظت ۽ پرچار ڪرڻ اسان جو فرض آهي. اهڙا ايونٽ اسان کي پنهنجن جڙن سان ڳنڍڻ ۽ پنهنجي سڃاڻپ تي فخر محسوس ڪرڻ لاءِ اهم آهن. هن چيو ته سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو صرف سالياني جشن جو نه پر اهو اسان جي ورثي ۽ سڃاڻپ کي ياد رکڻ جو نالو پڻ آهي. سنڌي ٻولي، روايتون ۽ ثقافتي قدر اسان جو ورثو آهن، جيڪي اسان جي قوم جي سڃاڻپ کي واضح ڪن ٿا. اهو اسان جو گڏيل فرض آهي ته انهن کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪريون ۽ هٿي وٺرايون. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽيون نه رڳو علمي ۽ تحقيقي مرڪز آهن، پر ثقافتي ورثي جون نگران پڻ آهن. وائيس چانسيلر چيو ته اهڙن ايونٽن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت نه رڳو سنڌ پر پاڪستان ۽ ان جي شاندار ثقافت سان اوهان جي محبت کي ظاهر ڪري ٿي. هن مٿن زور ڀريو ته پنهنجين روايتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ ملهائڻ گهرجي ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم ترقي جو بنياد آهي، تنهن ڪري شاگردن کي اسڪالرشپ مهيا ڪرڻ کين بااختيار بنائڻ جو بهترين طريقو آهي، اهو ئي سبب آهي ته هن پنهنجي چئن سالن جي وائيس چانسيلر واري دور ۾ 85 ڪروڙ رپين جون اسڪالرشپون شاگردن ۾ ورهايون، جن ڪيترن ئي شاگردن جي زندگين کي بدلائي ڇڏيو ۽ کين پنهنجا خواب پورا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ننڍڙو پاڪستان  آهي، ڇاڪاڻ ته هتي مختلف قومي، لساني ۽ ثقافتي پسمنظر رکندڙ شاگرد گڏجي تعليم پرائين ٿا. ڊاڪٽر ڪلھوڙو جو چوڻ هو ته سنڌ جي ثقافتي تقريبن ذريعي اسان نه صرف پنهنجي قوم جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ پر شاگردن ۾ اتحاد ۽ گڏيل سڃاڻپ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ثقافتي ڏينهن تي سنڌ يونيورسٽي مختلف ڪميونٽين جي روايتن، ٻولين ۽ قدرن کي اجاگر ڪري ٿي. هن چيو ته اسان نه رڳو ثقافتي ڄاڻ کي وڌائي رهيا آهيون، پر انهن جذبن کي مضبوط ڪري رهيا آهيون، جيڪي اسان کي پاڪستاني هجڻ جي حيثيت سان ڳنڍين ٿا. هن چيو ته سنڌ جي ثقافت جا ايونٽ اصل ۾ انهيءَ هم آهنگي ۽ اتحاد جا گواهه آهن، جيڪي اسان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊين فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ڊاڪٽر عارفه ڀٽو، ڊاڪٽر امام الدين کوسو ۽ ٻيا ڪيترائي استاد وائيس چانسيلر سان سندس دوري دوران مختلف شعبن ۾ موجود هئا. ٻئي طرف ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز ۾ پڻ ”پاڪستان جي ثقافتي عڪاسي“ جي سري هيٺ ثقافتي پروگرام منعقد ٿيو، جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي. پروگرام جي خاص مهمانن ۾ ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، اسٽوڊنٽس افيئرز جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊائريڪٽر ڪئمپس سيڪيورٽي ڊاڪٽر غلام ثاقب ٻڙرو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو ترجمان ڊاڪٽر نادر علي مغيري شامل هئا. ان موقعي تي ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر عشرت عباسي شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ تقريباً سڀني قومن جا شاگرد اڄ سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي موجود آهن، جن ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچ، پختون، هندو ۽ مسلمان سڀ گڏجي جشن ملهائين پيا، اسان جي ڊپارٽمينٽ ۾ هر زبان ڳالهائيندڙ شاگرد زير تعليم آهن. تنهن ڪري هن پروگرام ذريعي اسان مختلف ثقافتن جو گڏيل عڪس پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو مقصد پنهنجي ملڪ سان اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ آهي. تقريب ۾ شاگردن ۾ راڳ ۽ شاعري جا مقابلا، رقص ۽ ٽيبلوز شامل هئا، جڏهن ته مختلف راندين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا. آرٽس فيڪلٽي جي لان تي سجايل ثقافتي محفل کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪن جي بهار وڌيڪ رنگين ۽ دلڪش بڻايو.