سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيجز پاران “نار جي ملڪن ۾ تعليمي اسڪالرشپس ۽ روزگار جا موقعا” جي سري هيٺ سيمينار : ملتان، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن مان ماهرن جي شرڪت

 سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيجز (شعبو عربي ۽ فارسي) پاران “نار جي ملڪن ۾ تعليمي اسڪالرشپس ۽ روزگار جا موقعا” جي سري هيٺ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد شاگردن کي بين الاقوامي تعليمي ۽ پيشيورانه موقعن کان آگاهه ڪرڻ ۽ کين رهنمائي فراهم ڪرڻ هو. سيمينار جي صدارت ڊين فيڪلٽي آف آرٽس پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي ڪئي، جنهن پنهنجي صدارتي خطاب ۾ نوجوان نسل کي عالمي معيار جي تعليم ۽ روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. سيمينار جي نگراني ڊاڪٽر مفتي محمد صاحبداد سڪندري ڪئي، جنهن پنهنجي مختصر آجياڻي خطاب ۾ سيمينار جا مقصد بيان ڪيا. سيمينار دوران بهاءُ الدين زڪريا يونيورسٽي ملتان جي پروفيسر ڊاڪٽر رحمي عمران پنهنجي تقرير ۾ حاضرين کي مختلف نار جي ملڪن ۾ دستياب تعليمي اسڪالرشپس ۽ روزگار جي موقعن بابت وضاحت سان ٽپس ڏنا. هن شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن ۽ مهارتن ذريعي عالمي سطح تي موقعا حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني. جامعه اسلاميه مدينه منوره جي خاص نمائندي وقار احمد سنڌيءَ پنهنجي خطاب دوران سعودي عرب جي سڀني يونيورسٽين ۾ هر شعبي ۾ فلي فنڊڊ اسڪالرشپ پروگرامز، داخلن جي طريقن ۽ ان سان جڙيل فائدن کان آگاهه ڪيو. هن شاگردن کي انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ رهنمائي فراهم ڪئي ۽ شاگردن توڙي حاضرين کي حوصلو ڏنو ته اهي اڳتي وڌن ۽ عرب ملڪن خاص طور سعودي عرب ۾ موجود تعليمي موقعن مان فائدا حاصل ڪن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ کين ڪنهن مدد جي ضرورت هجي ته هو هميشه ساڻن تعاون ۽ رهنمائي ڪرڻ لاءِ تيار آهن. جامعه اسلاميه مدينه منوره جي گريجوئيٽ محمد زبير سنڌي پنهنجي تجربن کي حاضرين سان شيئر ڪيو ۽ ٻڌايو ته تعليمي اسڪالرشپس ۽ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا مرحلا اختيار ڪيا وڃن. هن زور ڀريو ته شاگردن کي پنهنجي تعليمي قابليت کي بهتر بنائڻ سان گڏ ٻولين ۽ ٻين پيشيوراڻين مهارتن تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي.سيمينار ۾ شاگردن ۽ استادن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ موضوع ۾ دلچسپي ڏيکاري. سيمينار ۾ شريڪ ماڻهن مقررن کان سوال ڪيا، جنهن  تي کين ڪارائتي معلومات فراهم ڪئي ويئي. ان موقعي تي نظر حسين چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.