وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو طرفان ٻئي سيمسٽر جي امتحانن جو جائزو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ ٻئين سيمسٽر جا امتحان پرامن ماحول ۾ جاري آهن. وائيس چانسيلر پروفيسر (ايمريٽس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو علامه آءِ آءِ قاضي ڪيمپس تي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر ۽ انسٽيٽيوٽ آف پلانٽ سائنسز جو دورو ڪري امتحاني عمل جو جائزو ورتو ۽ شاگردن لاءِ ڪيل انتظامن جو معائنو ڪيو. ڊاڪٽر ڪلهوڙو ٻئي سيمسٽر جي امتحانن جي رٿابندي ۽ تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪيمپسز ۾ سڀني شعبي جي ٻئين سيمسٽر جا امتحان بهترين طريقي سان جاري آهن. وي سي ڊاڪٽر ڪلهوڙو پنهنجي دوري دوران ڪلاسن ۾ وڃي هلندڙ امتحانن جو جائزو ورتو ۽ شاگردن سان ملي سندن پيپرن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. ان موقعي تي استادن سان ڳالهائيندي وائيس چانسيلر چيو ته مطالعي جي عادت جو ڪو نعم البدل ڪونهي ۽ مطالعي جي عادت ماڻهن کي ترقيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي شاگرد پنهنجي تعليم کي صحيح وقت ڏين ٿا، اهي دنيا ۾ سٺو نالو ۽ مقام حاصل ڪن ٿا. هن چيو ته قومي جاب مارڪيٽ ۾ سخت چٽاڀيٽي آهي ۽ رڳو اهي گريجوئيٽ بهتر نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي مضمونن ۾ گهري ڄاڻ ۽ بهتر تعليم رکن ٿا.