اڳوڻي نگران وزيراعظم سنڌ يونيورسٽي کي “اصل پاڪستان” قرار ڏيئي ڇڏيو، نوجوانن کي بااختيار بنائڻ ۽ سماجي سڌارن تي زور

 پاڪستان جي اڳوڻي نگران وزيراعظم سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف فارميسي ۾ هڪ زبردست ۽ متاثر ڪندڙ خطاب ڪيو، جنهن ۾ هن وڏا خواب ڏسڻ، سماجي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۽ انساني صلاحيتن جي طاقت کي ڀرپور طريقي سان اپنائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن اهڙو ليڪچر فئڪلٽي آف فارميسي جي آڊيٽوريم ۾ “اسان جا نوجوان: قومي وحدت جا ٿنڀا” جي سري هيٺ منعقد ڪيل هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ استادن، شاگردن ۽ انتظامي آفيسرن شرڪت ڪئي. سيمينار جو مقصد نوجوانن ۾ اميد ۽ همت کي هٿي وٺرائڻ ۽ زندگيءَ جي چئلينجز سان منهن ڏيڻ هو. پنهنجي خطاب جي شروعات ڪندي سينيٽر ڪاڪڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ساراهه ڪندي چيو ته هتي اچي کيس محسوس ٿيو ته هو اصل پاڪستان ۾ آيو آهي. هن چيو ته هن ڪئمبرج يونيورسٽي ۽ آڪسفورڊ يونين سميت ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ خطاب ڪيو پر سنڌ يونيورسٽيءَ جو تجربو منفرد آهي، جيڪو سچ پچ متاثر ڪندڙ آهي. هن قيادت کان وٺي سماجي سڌارن ۽ مصنوعي ذهانت کان وٺي ثقافتي ورثي جي اهميت تائين ڪيترائي موضوع بحث هيٺ آندا. هن نوجوانن کي وڏا خواب ڏسڻ ۽ پنهنجو پاڻ تي يقين رکڻ جي ترغيب ڏني. شاگردن کي وڏا خواب ڏسڻ جي همت ڏيندي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته الله انسانن جو اصل ساٿي آهي. جيڪو به وڏا خواب ڏسندو، رب پاڻ انهن کي حقيقت ۾ بدلائيندو. هن چيو ته پاڪستان صرف قدرتي وسيلن جهڙوڪ فصلن ۽ معدنيات سان مالا مال نه آهي، پر ان جو سڀ کان وڏو وسيلو انسان آهن. اسان مان هرڪو خاص ۽ چونڊيل آهي، جنهن کي وڏي صلاحيت عطا ڪئي ويئي آهي. مصنوعي ذهانت جي چئلينجن بابت ڳالهائيندي هن ان کي هڪ “خطري واري دنيا” قرار ڏنو، جنهن کي فوري طور سمجهڻ ۽ اپنائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان اي آءِ جي اثرن کان نه بچي سگهنداسين، تنهن ڪري اسان کي هٿرادو ذهانت جي صلاحيتن کي ذميواري سان اپنائڻ گهرجي. هن چيو ته هٿرادو ذهانت مستقبل آهي ۽ اسان جي نوجوانن لاءِ ضروري آهي ته اهي هن ٽيڪنالاجي جي تبديليءَ سان هم آهنگ ٿين. صنفي برابريءَ تي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اصل تبديلي تڏهن ايندي، جڏهن مرد ۽ عورتون روايتي سوچ تي ٻيهر غور ڪندا. هن چيو ته مشڪل پر ٺهڪندڙ حل هميشه اڳيئي تيار ٿيل حل کان بهتر هوندو آهي، اسان کي هڪ متوازن سماج قائم ڪرڻ لاءِ ٻنهي جنسن جي ڪردار کي مؤثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن سماجي هم آهنگي لاءِ هٿيارن کان نجات حاصل ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته اسان کي سماج مان هٿيار ختم ڪرڻا پوندا ۽ ڳالهين ۽ گڏيل رهائش کي فروغ ڏيڻو پوندو. امن جي استحڪام لاءِ قانون جي حڪمراني ئي واحد حل آهي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر پروفيسر (ايمريٽس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ کي باضابطه طور ڀليڪار ڪندي شاگردن جي ڪاميابيءَ لاءِ اداري جي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي 1947ع ۾ قائم ڪئي ويئي، جيڪا هاڻي 58 شعبن ۽ 9 فئڪلٽين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 44000 کان وڌيڪ شاگرد زير تعليم آهن. اسان اسڪالرشپ، هاسٽل ۽ ٽرانسپورٽ سهولتن سميت معياري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. سيمينار جي پڄاڻي هڪ دلچسپ سوال جواب واري سيشن سان ٿي، جتي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ شاگردن ۽ استادن جي مختلف سوالن جا جواب ڏنا. سندس صاف ۽ گهرن جوابن سامعين کي وڌيڪ متاثر ڪيو ۽ کين بهتر پاڪستان لاءِ پنهنجو حصو ڏيڻ لاءِ همٿايو. آخر ۾ مهمان کي شيلڊ، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا روايتي تحفا پيش ڪيا ويا. رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو مهمانن جا ٿورا مڃيا. سيمينار ۾ پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمباٽي، پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صنوبر رحمان شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر ڪرن سميع ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو، پروفيسر ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي، ڊاڪٽر عرفان احمد شيخ، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا، ڊاڪٽر سلمان ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.