سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران مختلف پراجيڪٽس جي نمائش، چئن شعبن جي شاگردن 200 پراجيڪٽس جي نمائش ڪئي: آءِ ٽي، اليڪٽرانڪس، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ سان واسطو رکندڙ نوجوان اهي ماڻهو آهن، جيڪي دنيا کي تبديل ڪرڻ ۽ انهن شعبن ۾ انقلاب آڻيندا: وي سي ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ جو اظهار
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي فيڪلٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي آخري سال جي شاگردن تي زور ڀريو آهي ته هو مختلف شين تي تحقيق ۽ مسئلا حل ڪرڻ وارن منصوبن تي دلچسپي ۽ ڌيان سان ڪم ڪن ته جيئن ان وسيع ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي. هن اهڙو اظهار فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي آخري سال جي شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران تيار ڪيل 200 منصوبن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. هن چيو ته آءِ ٽي، اليڪٽرانڪس، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ سان واسطو رکندڙ نوجوان اهي حقيقي ماڻهو آهن جيڪي دنيا کي تبديل ڪرڻ ۽ انهن شعبن ۾ انقلاب آڻڻ وارا آهن. هن چيو ته مختلف ڪمپنين، صنعتن ۽ ڪاروبارين پاران هڪ نوڪري وارو ميلو پڻ گڏيل طور منقعد ڪيو ويو.. تفصيلن موجب آخري سال جي شاگردن انفارميشن ٽيڪنالاجي، اليڪٽرانڪس، سافٽ ويئر ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن انجنيئرنگ جي شعبن ۾ پنهنجي ٿيسز سان لاڳاپيل مختلف منصوبن کي نمائش لاءِ پيش ڪيو، جن ۾ ڊاڪٽر ايپ جنريٽو اي آءِ تي ٻڌل، آڪشن بيسڊ اسٽور، اي آءِ پاورڊ سي وي مينيجمينٽ سسٽم، نورز ڪليڪشن ايپ، لفٽ اپ اي آءِ، اي آءِ بيسڊ ايف وا ءِ پي مينيجمينٽ سسٽم سان آئيڊيا ڊپليڪيشن ڊٽيڪشن، اي آءِ بيسڊ ڪنٽينٽ جنريٽر، شادي دوبارا: اي آءِ بيسڊ پروفائل ميچنگ مٽريمونيل پورٽل خاص طور تي طلاق يافته ۽ بيواه ماڻهن لاءِ، موسم جي اڳڪٿي ۽ خبرداري سسٽم، ايڪس سيٽ اپ، تڪڙي سروس حل ويب سائيٽ، آن لائن ايونٽ بڪنگ ۽ مينيجمينٽ سسٽم، مقامي نوڪري پورٽل، فصلن جي ٽريڪنگ ايپ، ليگل ايز ۽ ٻيا شامل آهن.فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ نمائش جو افتتاح ڪرڻ بعد وائيس چانسيلر منصوبن جو جائزو ورتو ۽ انهن ۾ گهري دلچسپي ورتي. شاگردن پنهنجي پنهنجي منصوبن بابت کيس بريفنگ ڏني، جنهن دوران وائيس چانسلر مختلف سوال پڻ ڪيا ۽ انهن منصوبن کي عالمي معيار ۽ گهرج پٽاندڙبنائڻ لاءِ تجويزون ڏنيون. ملازمت واري ميلي ۾ ڪل 21 اسٽال لڳايا ويا، جن جو وائيس چانسيلر دورو ڪيو، جتي ڪمپنين، صنعتن ۽ سافٽ ويئر هائوسز ۾ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا موجود هئا. وي سي سان گڏ پرو وائيس چانسيلر مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبد الستار شاهه، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حماد الله ڪاڪيپوٽو، فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ڊائريڪٽر پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر آف آءِ ٽي پروفيسر ڊاڪٽر ڪامران تاج پٺاڻ، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر تانيا مشتاق، ڊاڪٽر محمد علي نظاماڻي، انجنيئر عمير علي، انجنيئر عبدالوهاب کوکر، سالياني امتحانن جي ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ، ڊاڪٽر نياز احمد ڀٽو، ڊاڪٽر رضا شاهه، ڊاڪٽر آصف علي جمالي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.