سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي شاگردن جو “ٿيسز شو 2024ع” شروع ٿي ويو، وائيس چانسيلر پاران افتتاح: شاگردن ۽ شاگردياڻين جا پينٽنگز ۽ ٽيڪسٽائل ڊيزائين عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪو کين هڪ ڪامياب پيشورانه مستقبل ڏانهن وٺي ويندو. ٽيڪسٽائل ڊيزائين جي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجون ڊيزائيننگ جون ڪمپنيون قائم ڪن: وي سي جون ميڊيا سان ڳالهيون
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ۾ “ٿيسز شو 2024” باقاعده طور شروع ٿي ويو آهي. نمائش ۾ آخري سال جي شاگردن پاران تيار ڪيل شاندار منصوبا پيش ڪيا ويا، جن ۾ مختلف فن پارا، پينٽنگز ۽ ٽيڪسٽائل ڊيزائين شامل هئا. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي نمائش جو افتتاح ربن ڪاٽي ڪيو. هن نه رڳو فائين آرٽس، ٽيڪسٽائل ڊيزائين ۽ ڪميونيڪيشن ڊيزائين جي شاگردن جي تخليقي ڪم جو جائزو ورتو، پر انهن جي گڏيل محنت ۽ نواڻ جي واکاڻ پڻ ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي منصوبن بابت وائيس چانسلر کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ پنهنجي تخليقي سفر جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر کمڀاٽي شاگردن جي آرٽ ۽ ڊيزائين جي ميدان ۾ اعليٰ معيار جي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وائيس چانسيلر انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته هي ادارو سنڌ يونيورسٽي جو هڪ اهم تعليمي مرڪز آهي، جتي ماهر ۽ ناليوارا فنڪار-استاد اعليٰ تعليم جي نگراني ڪري رهيا آهن. هن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تجويز ڏني ته هو تجارتي شعبي، خاص طور ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۾ موجود وسيع موقعن کي ڳولين ۽ فائدو وٺن. هن وڌيڪ چيو ته شاگردن جا پينٽنگز ۽ ٽيڪسٽائل ڊيزائين عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪو کين هڪ ڪامياب پيشورانه مستقبل ڏانهن وٺي ويندو. هن ٽيڪسٽائل ڊيزائين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صلاح ڏني ته هو پنهنجون ڊيزائينگ جون ڪمپنيون قائم ڪن ۽ ٽيڪنالاجي انڪيوبيشن سينٽر ڄامشورو ۽ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر (ايلسا قاضي ڪيمپس، حيدرآباد) جي وسيلن مان فائدو وٺن. ان موقعي تي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊين فيڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، سيمسٽر امتحانن وارو ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين پروفيسر سعيد احمد منگي، ڊاڪٽر راشد علي کهڙو، ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري، ڊاڪٽر پنھل خان لاشاري، ڊاڪٽر تانيا مشتاق، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، پروفيسر اميد علي رند، پروفيسر نادر علي جمالي، پروفيسر نعمت الله خلجي ۽ ٻيا شامل هئا. استادن، شاگردن ۽ سندن والدين جي وڏي پئماني تي موجودگيءَ تقريب کي وڌيڪ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.