
سنڌ يونيورسٽي ۾ نون داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ ابتدائي رهنمائي واري تقريب؛ هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت: اورينٽيشن پروگرام دوران مختلف شاگردن پنهنجي فنڪاريءَ سان محفل کي جهومي وڌو، مختلف گيت پيش، شاگردن جي گيتن دوران سندن ساٿين پاران هڪ ئي وقت هزارين موبائل فونز جا لائٽس ٻاري هال ۾ هڪ وڻندڙ ماحول پيدا ڪيو، تقريب يادگار بڻجي وئي
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2025ع لاءِ نون داخلا وٺندڙ شاگردن جي لاءِ اورينٽيشن (ابتدائي رهنمائي) پروگرام جو اهتمام ڪيو ويو. بيورو آف اسٽئگس پاران محترمه بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ڪيل اورينٽيشن پروگرام ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. اورينٽيشن تقريب دوران مختلف شاگردن پنهنجي فنڪاري سان محفل کي جهومي وڌو، هنن مختلف گيت پيش ڪندي هال ۾ واهه واهه ڪرائي ڇڏي. جڏهن شاگرد گيت پيش ڪري رهيا هئا ته هزارين شاگردن پنهنجي موبائل فونز جا لائٽس ٻاري ڇڏيا، جنهن هڪ وڻندڙ ماحول پيدا ڪيو ۽ تقريب کي يادگار بڻائي ڇڏيو. شاگرد ۽ شاگردياڻيون موسيقي جي سرن تي جھومي رهيا هئا، سندن جوش ۽ جذبو سندن نئين تعليمي سفر جي خوشيءَ جي واضح عڪاسي ڪري رهيو هو. ميٺاج ڀريل آواز ۽ موبائيل فونن ذريعي چمڪندڙ روشنيءَ جي سنگم هڪ نه وسرندڙ لمحي کي جنم ڏنو، جيڪو خوشي ۽ هم آهنگي سان ڀريل هو. شاگردن جي فنڪاريءَ تي حال تاڙين سان گونجي اٿيو، جنهن تقريب کي وڌيڪ دلچسپ ۽ متحرڪ بڻايو. آواز جي جادو ۽ موبائيل فونن جي روشنيءَ جي هم آهنگيءَ سان اورينٽيشن تقريب هڪ شاندار منظر پيش ڪيو. وائس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته توهان هتي هڪ خواب کڻي آيا آهيو، جيڪو ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو خواب آهي. هن چيڳو ته اسان جو عزم آهي ته توهان جي انهن خوابن کي حقيقت ۾ بدلايون ۽ اوهان جا استاد ايندڙ چئن سالن تائين توهان جي خدمت لاءِ پنهنجون صلاحيتون وقف ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن نون داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ انتهائي اهم آهي، جو کين سنڌ يونيورسٽي جهڙي مادر علمي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، تنهن ڪري کين انهن لکين نوجوانن کي ياد رکي سوچڻ گهرجي، جن وٽ يونيورسٽيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ناهي. وائيس چانسيلر چيو ته انتظاميه شاگردن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪندي، ڇاڪاڻ ته سندس نظر ۾ هو ئي يونيورسٽي جا اصل بنيادي اسٽيڪ هولڊر آهن. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو تجربو ماضيءَ ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن کان حاصل ڪيل تعليمي تجربي کان بلڪل مختلف هوندو. هن شاگردن کي تلقين ڪئي ته هو ڪلاسن رومن ۾ لازمي وڃڻ سان گڏوگڏ سيمينارن ۽ ورڪشاپن ۾ شريڪ ٿي پنهنجون صلاحيتون بهتر بڻائين. وائيس چانسيلر اعلان ڪيو ته نون داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ هاسٽلن ۾ رهائش جو سلسلو جلد شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته هاسٽلن ۾ مفت انٽرنيٽ سروس ۽ معياري کاڌي جي فراهمي پڻ يقيني بڻائي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته عيد کانپوءِ جاب فيئر يعني ملازمت جو ميلو منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ آخري سال جا شاگرد مختلف ڪمپنين ۽ صنعتن ۾ انٽرن شپ ۽ نوڪريون حاصل ڪندا، جڏهن ته مهارت وڌائڻ لاءِ اسپيشل پروگرام پڻ شروع ڪيا ويندا. وائيس چانسيلر اعلان ڪيو ته اڄ جمعي کان يونيورسٽيءَ ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪئي ويندي، جيڪا مارچ 2025 تائين جاري رهندي، جنهن دوران تقريباً 10,000 وڻ پوکيا ويندا. هن چيو ته اسان شاگردن کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر کين محنت ڪرڻي پوندي، ڪتابن سان دوستي ڪرڻي پوندي ۽ دلجاءِ سان پڙهائيءَ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو خطاب ڪندي شاگردن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ موجود اسڪالرشپس، راندين، ليبس ۽ ٻين سولتن بابت ٻڌايو ۽ چيو ته شاگردن کي يونيورسٽي ۾ رهڻ دوران ڊسيپلين جو خيال رکڻو پوندو ۽ پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن شاگردن کي يونيورسٽيءَ جي نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين بابت پڻ ڄاڻ ڏني ۽ راندين توڙي ثقافتي تقريبن بابت پڻ ٻڌايو. هنچيو ته ابتدائي رهنمائي واري تقريب منعقد ڪرڻ جو مقصد شاگردن کي صحتمند ۽ متوازن طرز زندگي اختيار ڪرڻ لاءِ همٿائڻ ۽ سندن ذاتي ۽ سماجي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي. تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبد الستار شاهه، بيورو آف اسٽئگس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صنوبر رحمان شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي لغاري، پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري، ڊاڪٽر اياز سمون، ڊاڪٽر پسند علي کوسو، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري ۽ ٻيا استاد، آفيسر ۽ ملازم پڻ شامل هئا.