سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر سيد رضا شاهه رٽائر ٿي ويو: سندس اعزاز ۾ الواداعي تقريب منعقد: وي سي پاران سندس تعليمي ۽ تحقيقي خدمتن جي واکاڻ، ساٿي پروفيسرن ساڻس گهاريل سالن جون ساروڻيون ساريون: وائيس چانسيلر کيس علم ۽ رهبريءَ جو روشن ڏيئو قرار ڏئي ڇڏيو
سنڌ يونيورسٽي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جو پروفيسر ڊاڪٽر سيد رضا شاهه پنهنجي عمر جا 60 ورهه مڪمل ڪرڻ تي گذريل ڏينهن يونيورسٽي سروس تان رٽائر ٿي ويو. سندس خدمتن جي اٿتراف ۽ عزت افزائي لاءِ ساٿي پروفيسرن طرفان فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ الواداعي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر خليل الرحمان کمڀاٽي، اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر (ايميرٽس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ۽ فئڪلٽي جي استادن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر کمڀاٽي ۽ ٻين ساٿي استادن پروفيسر داڪٽر رضا شاهه کي سنڌ جي روايتي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا. پنهنجي غيررسمي ڳالهه ٻولهه ۾ وي سيءَ رٽائر ٿيل پروفيسر جي يونيورسٽي تعليم لاءِ بي لوث وابستگي جي ساراهه ڪئي ۽ کيس “علم ۽ رهبري جو روشن ڏيئو” قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر سيد رضا شاهه جي شاندار تعليمي ۽ تحقيقي ڪارڪردگي هن اداري تي نه مٽندڙ نقش ڇڏيا آهن. سندس رهبري ڪيترن ئي شاگردن جي زندگي سنواري، جيڪو سالن تائين ياد رهندو. اڳوڻي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو پڻ پروفيسر رضا شاهه جي تعليمي خدمتن کي تسليم ڪندي يونيورسٽي ۾ تعليمي سکيا وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. رٽائر ٿيل پروفيسر جي ساٿين سندس تعليمي خدمتن جا واکاڻ ڪئي ۽ نوڪري جي سفر واريون ساروڻيون ساريون. هنن ساڻس گهاريل سالن جون يادگيريون ورجائيندي سندس پيشه وراڻي قابليت، عاجزي ۽ شاگردن ۽ استادن سان سهڪار جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌميجا، آءِ ٽي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪامران تاج پٺاڻ، ڊاڪٽر جي ايم شورو، شاهد حسين لاڙڪ، ڊاڪٽر عارفه ڀٽو، ڊاڪٽر شازيه عباسي، ڊاڪٽر عبد الوحيد مھيسر، ڊاڪٽر ڪامران ڏاهري، ڊاڪٽر محمد علي نظاماڻي، ڊاڪٽر زين ميمڻ، ڊاڪٽر ذيشان ڀٽي، ڊاڪٽر وسيم سومرو، ڊاڪٽر ارجمند بانو، ڊاڪٽر عطيه، ڊاڪٽر ممتاز قبوليو، ڊاڪٽر نازش بشير آرائين، عمران اڄڻ، ڊاڪٽر آصف علي جمالي، ڊاڪٽر فهيم عباسي ۽ ٻين شريڪ ٿي پنهنجي ساٿي کي الوداع چيو. تقريب جي پڄاڻي ڊاڪٽر رضا شاهه جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن سان ٿي.