سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مينيجمينٽ ۾ پهرين سيمسٽر جا امتحان ڪاميابي سان مڪمل، وائيس چانسيلر پاران امتحاني عمل جو جائزو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مينيجمينٽ ۾ تعليمي سال 2026ع جي پهرين سيمسٽر جا امتحان ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويا آھن. ان سلسلي ۾ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر جاري ڪيل ھڪ پڌرائي موجب انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مينيجمينٽ کي اھو اعزاز حاصل آهي ته وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري امتحانن جي پھرين ڏينھن بہ دورو ڪيو ھو ته وري آخري ڏينهن پڻ انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪري امتحاني انتظامن جو جائزو ورتو ۽ شاگردن توڙي عملي جي همت افزائي ڪئي. فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو وائيس چانسيلر جي مسلسل رهنمائي ۽ سهڪار تي سندس ٿورا مڃيا. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر شاگردن لاءِ فائديمند ۽ پُرسڪون اونهاري جي موڪلن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن شاگردن کي صلاح ڏني ته هو موڪلن دوران انٽرن شپ ۽ پراجيڪٽس ۾ حصو وٺي عملي تجربو حاصل ڪن ۽ پنهنجي تعليمي پروفائيل کي وڌيڪ مضبوط بڻائين.