سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر طرفان مستحق شاگردن ۾ اسڪالرشپ چيڪ ورهايا ويا، مجموعي طور 3 لک 24 هزار جا چيڪ تقسيم: اسڪالرشپس شاگردن جي تعليمي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون: وي سي ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ جو اظهار

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي الڪوثر، آمريڪا جي سهڪار ۽ اداره خودي جي مالي سهائتا پروگرام تحت ستن مستحق شاگردن ۾ اسڪالرشپ چيڪ ورهايا. ڄاڻايل پروگرام جو مقصد اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ مستحق پر قابل شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ آهي. وي سي آفيس ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران وائيس چانسيلر ڊاڪٽر کمڀاٽي ذاتي طور ستن ئي شاگردن کي اسڪالرشپ جا چيڪ ڏنا. ڄاڻايل مالي سهائتا پروگرام تحت مجموعي طور 3 لک 24 هزار رپيا ورهايا ويا. اسڪالرشپ ماڻيندڙ تنويـر علي کي 90,000 رپين، مريد حسين کي 42,000 رپين، عنبر ناز کي 36,600  رپين، سميع الله کي 44,000 رپين، دانش علي کي 44,000 رپين، منتظر مهدي کي 27,400 رپين ۽ مير مرتضيٰ کي 40,000 رپين جا چيڪ ڏنا ويا. ان موقعي تي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ الڪوثر، آمريڪا ۽ اداره خودي جو تعليمي واڌاري لاءِ سهڪار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اهڙيون اسڪالرشپس شاگردن جي تعليمي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو به ڊونر ادارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي مستقبل ۾ به شاگردن کي اهڙيون مالي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ٻيهر يقين ڏياريو ته مالي مشڪلاتون مستحق شاگردن جي اعليٰ تعليم جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجنديون.