لساني ماهر امر فياض ٻرڙو پاران شاگردن کي مصنوعي ذهانت جي عالمي ماڊلز ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نمائندگي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل مواد تيار ڪرڻ جو مشورو

 عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل پليٽ فارمن تي ضم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌي لسانيات کي نظرانداز ڪرڻ واري صورتحال کان بچڻ لاءِ سنڌي ڳالهائيندڙن، خاص طور شاگردن کي مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجيز، جهڙوڪ اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ، ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ ۽ هٿرادو ذهانت تي ٻڌل ترجمي جي اوزارن لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌي شاگرد ڊجيٽل مواد تيار ڪن ته جيئن سنڌي ٻولي جي عالمي اي آءِ ماڊلز ۾ نمائندگي کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو آڊيٽوريم ۾ "مصنوعي ذهانت جي دور ۾ سنڌي ٻولي" جي سري هيٺ منعقد ٿيل ليڪچر ڏيندي ڪيو. ڄاڻايل ليڪچر جي صدارت وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪئي. ان موقعي تي ڊين فئڪلٽي آف آرٽس پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، چيئرمين سنڌي شعبي پروفيسر ڊاڪٽر نور محمد شاهه، ڊين فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ڊين فئڪلٽي آف اسلامڪ اسٽڊيز پروفيسر ڊاڪٽر حافظ منير احمد خان، ڊائريڪٽر آف لينگويجز ڊاڪٽر صاحبزاد سڪندري، ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر امر سنڌو، ڊاڪٽر فياض لطيف، غلام مرتضيٰ سيال، ساجد قيوم ميمڻ، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر شاهه مراد چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوسيم شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي لغاري، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڊاڪٽر شازيه پتافي، ڊاڪٽر آصف علي جمالي ۽ ڪيترن ئي محققن، لسانيات جي ماهرن، شاگردن ۽ ادب جي شوقينن شرڪت ڪئي. سنڌي ٻولي کي درپيش چئلينجن بابت ڳالهائيندي هن يونيورسٽين ۾ سنڌي لسانيات ۽ ادب جي غلط درجي بندي ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌي لسانيات کي الڳ علمي شعبو بڻايو وڃي، جنهن ۾ مورفولوجي، سنٽيڪس، فونيٽڪس، سيمانٽڪس ۽ ڪمپيوٽيشل ايپليڪيشنن سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته سنڌي ادب الڳ موضوع ۽ الڳ ڊگري آهي. امر فياض ٻرڙو نوجوانن جي سنڌي ٻولي جي واڌاري ۾ سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته سنڌي ٻولي لاءِ جوڙيل ڊيٽا سيٽ جوڙي کي مصنوعي ذهانت جي ماڊلز لاءِ انتهائي اهميت حاصل آهي ۽ ان مقصدن لاءِ سنڌي ادب ۽ ڳالهائي ويندڙ جملن ۽ لساني ڊيٽا کي منظم طريقي سان ڊجيٽلائيز ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن مصنوعي ذهانت تي ٻڌل اوزار، جهڙوڪ چيٽ بوٽس ۽ اسپيچ اسسٽنٽس تيار ڪري سگهجن. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جون نيون تبديليون نه رڳو حيران ڪندڙ آهن پر سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون، جيڪي انساني ذهن جي واڌاري لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿيون. امر فياض وڌيڪ چيو ته مصنوعي ذهانت جديد دنيا کي هر لحاظ کان تبديل ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي هڪ قديم ۽ شاهوڪار ٻولي آهي، پر هن وقت اها ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، جن کي حل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي صرف ڳالهائڻ سان محفوظ نٿو ڪري سگهجي؛ ان کي ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي بچائڻ لازمي آهي، ساڳئي وقت جديد دنيا سان گڏ اڳتي وڌڻ به ضروري آهي. هن ٻڌايو ته ٻولي انسان کي قديم دور کان موجوده ترقي يافته دور تائين پهچائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻوليءَ ذريعي ماڻهو پنهنجون ڳڻتيون ظاهر ڪري سگهن ٿا، هڪ ٻئي کي سمجهي سگهن ٿا ۽ مسئلن جا حل ڳولي سگهن ٿا. دنيا جي لساني قسمن تي روشني وجهندي. هن ٻڌايو ته دنيا ۾ لڳ ڀڳ 6000 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جن مان 300 کان وڌيڪ اهڙيون آهن، جيڪي ڳالهائيندڙن جي گهٽتائي سبب ختم ٿيڻ جي ڪناري تي آهن. لساني پيچيدگين بابت ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته جتي انگريزي ٻولي ۾ فقط 4 کان 5 لفظن جي بناوٽ جا فارمولا آهن، جڏهن ته عربي ۾ 676 لفظن جي بناوٽ جا فارمولا موجود آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته "ڊيپ سيڪ" ڪاميابيءَ سان سنڌي ٻولي لاءِ ماڊل تيار ڪيو آهي. ڊيٽا سائنس جي اهميت تي روشني وجهندي هن چيو ته هي ڪو معمولي ڪم نه آهي پر ان جي ذريعي شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي به چيٽ جي پي ٽي  ۾ شامل ڪرڻ ممڪن ٿي پيو آهي، جنهن سبب هاڻي جيڪو به لطيف بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيندو، ان کي فوري ۽ مستند جواب ملي ويندو. هن چيو ته مستقبل ۾ ڪمپيوٽيشل لسانيات ڪمپيوٽر سائينس بجاءِ سنڌي شعبي ۾ هڪ خاص مضمون جي حيثيت ۾ شامل ٿيندو. هن ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي جي الفاظ جي ماخذ تي ڪا وڏي تحقيقي ڪم نه ٿي آهي ۽ نه ئي سنڌي ٻولي جي نفسياتي لسانيات تي ڪا خاص تحقيق ٿي آهي. هن ڊاڪٽر سراج جو ذڪر ڪندي چيو ته هن سنڌي فونيٽڪس تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙي وري مورفولوجي جي شعبي ۾ تحقيقي ڪم ڪيو آهي. نوجوان اسڪالرز جي حوصلا افزائي ڪندي هن سنڌي شعبي جي فائنل ايئر جي شاگردن کي دعوت ڏني ته هو عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجنيئرنگ ۾ شامل ٿين، جتي هو پنهنجين مهارتن کي بهتر بڻائي سگهن ٿا ۽ محققي ماهر بڻجي سگهن ٿا. ليڪچر هڪ دلچسپ سوال جواب سيشن سان پڄاڻي تي پهتو، جنهن دوران شرڪت ڪندڙن سنڌي جي ڊجيٽل مستقبل بابت خدشا ظاهر ڪيا. امر فياض ٻرڙي ٻيهر اهو زور ڀريو ته لسانيات جي ماهرن، ٽيڪنالاجي ماهرن ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن وچ ۾ سهڪار ضروري آهي ته جيئن سنڌي ٻولي کي هٿرادو ذهانت تي ٻڌل جدت ۾ شامل ڪري سگهجي. ان موقعي تي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته اڳ ۾ مختلف چيئرز قائم ڪري ڪتاب ڇپرايا ويندا هئا ته جيئن سنڌي ٻولي کي محفوظ رکي سگهجي، جڏهن ته موجوده دور ۾ ٻوليءَ کي ٽيڪنالاجيءَ سان جوڙي انکي بچائي سگهجي ٿو. سنڌي شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر نور محمد شاهه مهمانن کي ڀليڪار ڪندي امر فياض ٻرڙي جو تعارف ڪرايو ۽ سنڌي ٻولي جي ڊجيٽل واڌاري ۾ سندس ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر ريحانه ملاح تقريب جي ڪارروائي هلائي. ان کان اڳ پروفيسر نظر حسين چانڊيو بهترين قرات سان قرآن پاڪ جي تلاوت جو شرف حاصل ڪيو ۽ مشهور فنڪار ذوالفقار علي خان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي ڳائي محفل ۾ سحر طاري ڪري ڇڏيو.