سنڌ يونيورسٽي پاران ضمني چونڊ سبب گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ رٿيل سيمسٽر امتحانن جو شيڊيول تبديل

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته عمرڪوٽ ۾ ضمني چونڊ سبب گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ رٿيل سيمسٽر امتحانن جو شيڊيول تبديل ڪيو ويو آهي. پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ضمني چونڊ سبب گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ سبب اي ڊي اِي/ بي.ايڊ، بي ايس ڪيمسٽري، بي ايس زولاجي، بي سي ايس، بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ، بي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ اي ڊي ايس باٽني جا سيمسٽر امتحان هاڻي 22 اپريل 2025ع کان ورتا ويندا. امتحانن جو نظرثاني ٿيل شيڊيول جلد جاري ڪيو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/08/2025
Announcements
1024 x 768
Academics call for responsible social media use to protect human rights
View Details → 03/11/2026
1024 x 768
SU constitutes committee to strengthen alumni outreach
View Details → 03/11/2026
1024 x 768
تعلمي ماهرن پاران انساني حقن جي تحفظ لاءِ سوشل مي...
View Details → 03/11/2026