سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اي ڊي آرٽس، ڪامرس، سائنس ۽ هوم اڪنامس حصو پهرئين جي سالياني امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ جو اعلان
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر احسان الله راشدي پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اي ڊي آرٽس (ريگيولر توڙي ايڪسٽرنل)، اي ڊي ڪامرس، اي ڊي سائنس ۽ اي ڊي هوم اڪنامڪس (ريگيولر) حصو پهريون جي امتحانن لاءِ فيس ۽ فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ 10 جون 2026 تائين واڌ ڪئي ويئي آهي.
Author:
Mrs. Shumaila Solangi
06/04/2026