فائونڊر ويڪ جون تقريبون جاري، علامه آءِ آءِ قاضي چيئر پاران ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول ۾ به شاندار پروگرام منعقد: شاگردن پاران ٽيبلوز ۽ موسيقي تي رقص پيش: رقص جي رنگين وراڪن تقريب کي رڱي ڇڏيو: علامه قاضي کي شاندار لفظن جي ڀيٽا پيش

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو تحت ھلندڙ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ به علامه آءِ آءِ قاضي جو ڏھاڙو ڀرپور انداز ۾ ملھايو ويو. پروگرام علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جي اھتمام ھيٺ فائونڊر ويڪ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيو ويو، جنھن جي صدارت اسڪول جي پرنسيپال سيد احسان الله  راشدي ڪئي. خاص مھمان طور علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر  مخمور بخاري ھو، جڏھن ته انسٽيٽيوٽ آف لا جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر  سردار شاهه ۽ ايجوڪيشن فئڪلٽي جي استاد ڊاڪٽر زبير چاچڙ اعزازي مھمان طور تقريب جو حصو رھيا. تقريب جي شروعات ۾ شاگرد حنين تلاوت ڪئي ۽ استاد فتح علي خان جي پٽ فرسٽ ايئر جي شاگرد پرسوز آواز ۾ نعت پڙھي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. بعد ۾ اسڪولي شاگردن مھمانن کي گلدستا پيش ڪيا ۽ شاندار ثقافتي رقص پيش ڪيو. سندن رقص تي مھمان توڙي والدين خوشيءَ منجھان جھومڻ لڳا. ان موقعي تي شاگردن جي دلڪش رقص جي رنگين وراڪن تقريب کي رڱي ڇڏيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر يوسف ڀنڀرو پنھنجي تقرير ڪندي علامه آءِ آءِ قاضي جي زندگي ۽ شخصيت جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي. اسڪول جي شاگردن به تقريرون ڪيون، جن ۾ علامه صاحب کي ڀرپور لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي. اسڪول جي ميوزڪ ٽيچر وري فقير منش انسان ۽ اعلي پائي جي شاعر مسڪين راشدي جي وائي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي پرنسيپال سيد احسان راشدي جي والد مسڪين راشدي جي شعري مجموعي  لڙڪ مسڪين جا جو مھورت پڻ ڪيو ويو. تقريب جي آخر ۾ امتحان ۽ اسپورٽس ۾ بھترين ڪارڪردگي تي پنجاهه شاگردن کي ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ان موقعي تي شاگردن جي والدين پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي.