
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيمينار، ڪم وارن هنڌن تي هراساني خلاف آگاهي وڌائڻ تي زور: پاڪستان ۾ ثقافتي ريتن، گهٽ شعور ۽ ملڪيت جي حقن جي کوٽ ڪري عورتون پنهنجي آئيني ۽ قانوني حقن کان محروم آهن: مقررن جو سنڌ يونيورسٽي ۾ سيمينار کي خطاب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نوجوانن، خاص طور عورتن ۾ ڪم جي جڳهن تي هراسمينٽ بابت آگاهي وڌائڻ لاءِ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽي جي اينٽي هراسمينٽ سيل پاران سيمينار فئڪلٽي آف فارميسي جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيو ويو، جتي شاگردن، استادن ۽ انتظامي عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هراسمينٽ خلاف تحفظ لاءِ وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ مان وفاقي محتسب فوزيه وقار خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي هن هراسمينٽ خلاف تحفظ لاءِ وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي ڪردار بابت تفصيل سان آگاهي ڏني ته ڪيئن هي ادارو عورتن کي ڪم جي جڳهين تي تحفظ مهيا ڪري ٿو ۽ آن لائين شڪايت داخل ڪرڻ جي سهولت بابت تفصيل سان ڳالهايو. سندس چوڻ هو ته ڄاڻايل ادارو 2010ع ۾ قائم ٿيو ۽ ان وقت کان وٺي هي ادارو عورتن سان ٿيندڙ هراسانين جون شڪايتون حل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي ته جيئن متاثر عورتون بنا ڪنهن خوف يا بدنامي جي انصاف حاصل ڪري سگهن. هن شاگردياڻين تي زور ڀريو ته هو هراساني خلاف آواز اٿارين ۽ پنهنجن حقن بابت پاڻ آگاهه ٿين. فوزيه وقار ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ثقافتي ريتن، گهٽ شعور ۽ ملڪيت جي حقن جي کوٽ ڪري عورتون پنهنجي آئيني ۽ قانوني حقن کان محروم آهن. هن خاص طور هراساني ۽ عورتن جي ملڪيت جي حقن جي حوالي سان پنهنجي اداري جي دائري، ڪم ۽ اختيارن تي به روشني وڌي. وفاقي محتسب وڌيڪ ٻڌايو ته 2010ع واري ڪم جي جڳهن تي عورتن جي تحفظ بابت قانون ۾ تازيون ترميمون آنديون ويون آهن، جن جي ذريعي “ملازم” ۽ “ملازمت ڏيندڙ” جي تعريفن کي وڌايو ويو آهي ۽ هراساني جي دائري کي سماج جي وڌيڪ حساس طبقن تائين وڌايو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اندروني نظام بابت ڳالهائيندي فوزيه وقار چيو ته هتي عورتن جي نمائندگي سان گڏ هڪ هراساني ڪاميٽي جوڙيل آهي. هن زور ڏنو ته جيڪڏهن ڪا به اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا ٿئي ته فوري طور شڪايت داخل ڪئي وڃي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي چيو ته يونيورسٽي مڪمل طور محفوظ ۽ تعليمي ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان جي خاتون استادن ۽ شاگردياڻين جي محنت ۽ لگن يونيورسٽيءَ جي تعليمي ڪاميابين لاءِ انتهائي اهم آهي. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته سنڌي سماج ۾ عورتن جي عزت ۽ احترام جون روايتون گهڻيون پراڻيون ۽ مضبوط آهن. هن چيو ته ڪئمپس ۾ مهذب ٻولي ۽ پيشيورانه روين کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي، جتي هاڻي ‘فرينڊ’ جهڙين اصطلاحن بدران ‘ڪوليگ’ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو ته جيئن هڪ وقار وارو ماحول برقرار رهي. سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بي بي قريشي سيمينار ۾ ڳالهائيندي چيو ته هراساني جي خاتمي لاءِ آگاهي ۽ ادارتي نظام ضروري آهن. هن عورتن کي پنهنجن حقن بابت ڄاڻ ڏيڻ ۽ تحفظ جا ذريعا ڄاڻڻ لاءِ بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊاڪٽر نسيم اسلم چنا، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر صنوبر سلمان شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو ۽ ٻين ڪيترن ئي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي.