سنڌ يونيورسٽيءَ جي قانون واري شعبي ۾ پهريون صوبائي شطرنج راند جا مـُـقابلا منعقد: 38 رانديگرن بھرو ورتو، فائينل ۾ سخت مـُقابلي ۾ سرفراز احمد ھارائي ويو، اظهر آخوند ڪامياب قرار

حيدرآباد ۽ ڄامشورو شطرنج ايسوسيئيشن جي گڏيل سھڪار سان سنڌ يونيورسٽي جي قانون واري شعبي ۾ پھريون صوبائي شطرنج راند جو مقابلو منعقد ڪيا ويا، جن ۾ مجموعي طور مُختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن سميت 30 رانديگرن حصو ورتو. فائينل ۾ اظهر آخوند ۽ سرفراز احمد ۾ سخت مُقابلي کانپوء اظهر آخوند کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. انعام ورهائڻ واري تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسپورٽس اجويد ڀٽي نئين کُليل قانون جي شعبي ۾ هن قسم جي بهترين ۽ صوبائي سطح جي سرگرمي منعقد ڪرڻ تي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ دانش منگي ۽ اسپورٽس ڪاميٽي جي سربراھ ارون برڪت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته شطرنج راند مونجهارن مان نڪرڻ, مُستقبل جي پلاننگ ڪرڻ سميت ياداشت ۽ حاضر دماغيءَ جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري ٿي، جنهن ۾ يونيورسٽي ۽ ڪاليج جي شاگردن سان گڏوگڏ هانيا شاھ، حمزا دانش جهڙن اسڪولي شاگردن جو شامل ٿيڻ تمام وڏي ۽ خوش آئنده ڳالھ آهي. ان موقعي تي منور چانڊيو ۽ آرگنائيزر  تحسين اختر، عبداللّه شيخ، نرمل جمالي سميت شاھ فيصل حماد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.