سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڌرتي ماءُ جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو؛ ڌرتي ماءُ جو عالمي ڏهاڙو موسمي تبديليءَ جي خلاف گڏيل ڪوششن ۽ ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ سڏ آهي، اڄ جو لڳايل وڻ سڀاڻي لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جاگرافي شعبي پاران گرين يوٿ موومينٽ، انسٽيٽيوٽ آف پلانٽ سائنسز، سينٽر فار انوائرمينٽل اسٽڊيز، جيالاجي ڊپارٽمينٽ، سنڌ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ، ريڊيو پاڪستان ۽ ميگهواڙ ويلفيئر ٽرسٽ جي سهڪار سان “اسانجي طاقت، اسانجي ڌرتي” جي سري هيٺ ڌرتي ماءُ جو عالمي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ هڪ شاندار ريلي سينٽرل لائبريري کان ڪڍي وئي، جيڪا مختلف هنڌن تان ٿيندي جاگرافي شعبي وٽ پهچي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي. ريلي جي اڳواڻي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسيلر چيو ته ڌرتي ماءُ جو عالمي ڏينھن موسمي تبديليءَ جي خلاف گڏيل ڪوششن ۽ ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ سڏ آهي. هن چيو ته اڄ جو لڳايل وڻ سڀاڻي لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڌرتيءَ جو مستقبل اسان جي اڄ ڪيل فيصلن تي دارومدار رکي ٿو. هن زور ڀريو ته يونيورسٽيون نوجوانن ۾ سائنس دوست سوچ ۽ ماحولياتي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، جيئن سنڌ يونيورسٽي ان سلسلي ۾ ڪوششون وٺندي رهي آهي. ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ چيو ته پاڻي جو هر بچايل ڦڙو، هر لڳايل وڻ ۽ هر بچايل پلاسٽڪ جو ٽڪرو اهم آهي – وڻ اسان جي طاقت آهن. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته اسين حياتياتي ٻارڻ کي نئين سر پيدا ٿيندڙ توانائي ڏانهن شعور سان منتقل ڪنداسين ته ان ۾ ئي ڌرتيءَ جو جياپو آهي. هن پيو ته اسين ڌرتيءَ جا وارث ناهيون، پر اسان ڌرتي پنهنجي ٻارن کان عارضي امانت طور ورتي آهي. پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه چيو ته ڌرتي ماءُ جو ڏهاڙو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ماحولياتي پائيداريءَ جي شروعات اسان جي ڪلاس روم، گهر ۽ برادريءَ مان ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جي ريلي ۽ وڻڪاري فقط علامتي عمل نه آهي، بلڪه پائيدار مستقبل لاءِ واعدو آهي. اسان جي طاقت گڏيل عمل ۾ آهي – گڏجي ئي ڌرتيءَ کي محفوظ ڪري سگهون ٿا. رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپي تي روشني وجهندي چيو ته ڌرتي اسان جي ساهه آهي – اچو ته ان سان محبت ڪريون ۽ ان جو تحفظ ڪريون. جاگرافي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر سوجو مل ميگهواڙ، ڊين نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر محمد قاسم نظاماڻي، پروفيسر ڊاڪٽر شفيق احمد جوڻيجو، ڊاڪٽر علي اڪبر هنگورجو، ڊاڪٽر رابعه اسما ميمڻ، ڊاڪٽر امان الله مهر، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي قابل تجديد توانائي اختيار ڪرڻ ۽ فوسل فيول حياتياتي ٻارڻ تي دارومدار گهٽائڻ تي زور ڏنو . فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي نمائندي عمران ڀٽو، جهنگلن جي ماحولياتي توازن جي اهميت تي روشني وڌي. ريلي ۾ وڏي پيماني تي شاگردن، استادن ۽ عملي حصو ورتو. بعد ۾ ڊپارٽمينٽ آف جاگرافي ۾ ٻوٽا پڻ پوکيا ويا.