سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊاڪٽر اين اي بلوچ چيئر پاران “جديديت پڄاڻان دور ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اهميت” جي سري هيٺ ليڪچر جو اهتمام: موجوده جديد دور ۾سماج جا قدر، آدرش، تھذيب ۽ تمدن ايتري تائين جو زندگي ۽ جياپي جا معيار ئي بدلجي ويا آهن

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سنڌي شعبي جي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هال ۾ “جديديت پڄاڻان دور ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اهميت” جي سري ڊاڪٽر اين اي بلوچ چيئر طرفان ليڪچر پروگرام منعقد ڪرايو ويو، جنهن کي ناليواري ليکڪ جامي چانڊيو ليڪچر ڏنو، تقريب جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪئي. معروف دانشور جامي چانڊيو پنھنجي ليڪچر ۾ چيو ته جديديت پڄاڻان دور ۾ سماج جا قدر، آدرش، تھذيب ۽ تمدن ايتري تائين جو زندگي ۽ جياپي جا معيار ئي بدلجي ويا آهن. ڪوڙين خواهشن ۽ اميدن وارو سماج سرمائيداري ۽ ٽيڪنالاجي جي ور چڙهي ويو آهي، پر لطيف جا زندگي ۽ سماج، تھذيب ۽ ثقافت جي حوالي سان قدر ۽ آدرش اڄ به اتساهيندڙ ۽ حسين آھن. سندس فڪر اڄ جي وياڪل ۽ ويڳاڻي ماڻهوءَ جي نه رڳو رھنمائي ڪري ٿو، پر حقيقي عشق جا درس پڻ ڏئي ٿو. هن چيو ته لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ جا گس ڏسي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ گھريون تمثيلون آھن، جن کي سمجھڻ لازمي آھي. هن وڌيڪ چيو ته لطيف جو اظھار ۽ خيال روايتي ۽ ظاهري نه پر علامتي ۽ احساساتي آهي. جامي چانڊيو جو چوڻ هو ته لطيف جي شاعريءَ جا ڪردار حقيقي ھجڻ سان گڏوگڏ علامتي، احساساتي ۽ تخيلاتي آھن. ھن انھن ڪردارن کي پنهنجي ۽ نئين تخليقي سڃاڻپ عطا ڪئي آهي. لطيف جي شاعريءَ جا ڪردار رواجي ۽ روايتي نه پر غيرمعمولي آھن. ھن شاعريءَ ۾ سندس ڪردار انوکا آھن، جيڪي پاڻ نه، پر سندس اندر جو عشق ڳالهائي ٿو، سندس محبت ڳالهائي ٿي، لطيف جا ڪردار ۽ واقعا ان دور جي سماج ۽ ماڻهن جي عڪاسي ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪي خيال پيش ڪري ٿو، اھي پراڻا ھجڻ باوجود نه رڳو دل کي ڇهندڙ آھن، پر سندس پيشڪش جو انداز ۽ اظھار اھڙو موھيندڙ آھي، جو پڙھندڙ ۽ ٻڌندڙ مطيع ٿي پوي ٿو. لطيف جي شاعريءَ جو پيغام اڄ به اسان جي رھنمائي ڪري ٿو، رڳو ان کي اسان کي دل سان ھنڊائڻ جي ضرورت آهي. تقريب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي  ساراهيندي چيو ته ھن قسم جون تقريبون نوجوانن جي تربيت لاءِ تمام لازمي آھن ۽ اھي مستقل بنيادن تي ٿيڻ گھرجن. لطيف نه صرف اسان جو رھبر ۽ رھنما رھيو آھي، پر ڀٽائيءَ جو پيغام اڄ جي نوجوانن جي به بھتر رھبري ڪري سگھي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف چانڊيو آيل مھمانن ۽ خاص طور وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ۽ جامي چانڊيو جا ٿورا مڃيندي چيو ته لطيف جي شاعري فن ۽ فڪر جو ھڪ بحر آھي، جنھن مان پاڻ اڄ ڪجهه موتي ئي ميڙي سگھيا آھيون. سندس پيغام کي جيڪڏھن وڌيڪ ھنئين سان ھنڊائينداسين، ھن جديديت پڄاڻان دور ۾ به گھڻو ڪجهه حاصل ڪري سگھون ٿا. تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر نور محمد شاهه، ڊاڪٽر ريحانه ملاح، ڊاڪٽر شازيا پتافي، ڊاڪٽر نويده ڪٽپر، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، غلام رسول چانڊيو، منير چانڊيو، مرتضيٰ سيال، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، ايڇ ايم چانڊيو، نوشين اڄڻ، حسن مجتبيٰ سوڌو سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن، استادن، ملازمن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.