سنڌ يونيورسٽي پاران وائيس چانسلر جي اڳواڻيءَ ۾ حب الوطني ريلي، شڪراني جو ڏھاڙو ملهايو ويو: پاڪستاني فورسز سان گڏ آھيون، مودي سرڪار علائقائي امن لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي، عالمي برادريءَ کي ڀارتي جارحيت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي جو ريليءَ کي خطاب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ شاندار ريلي ڪڍي ويئي. ريلي انتظامي بلاڪ (اي سي-2) جي پوئين گيٽ تان شروع ٿي، جيڪا پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، ڪنٽرولر آفيس ۽ ڊائريڪٽر ايڊميشنز سميت مختلف شعبن مان گذرندي جڏھن انتظامي عمارت جي مک داخلي دروازي تي پھتي ته مظاهري ۾ تبديل ٿي وئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻھو هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي وطن سان محبت جي اظهار طور پاڪستان ۽ ان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز جي حق ۾ نعرا هنيا، جڏهن ته ڀارتي حڪومت، بي جي پي ۽ آر ايس ايس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي ويئي. ان موقعي تي حب الوطني جذبي سان ڀريل ماحول ڏسڻ ۾ آيو. مظاھري کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ چيو ته اسين سڄي قوم سان گڏجي يومِ تشڪر ملهائي رهيا آهيون. پاڪستان ايئر فورس پاران ڀارت جي اندر 26 هدفن تي ڪامياب جوابي حملو ڪرڻ ۽ پنهنجي جهازن جي حفاظت سان واپسي قوم لاءِ فخر جو باعث آهي. ھن وڌيڪ چيو ته سڄي پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. ڊاڪٽر کمڀاٽي چيو ته اسان جي فضائي فوج نه رڳو فوجي طاقت ڏيکاري پر حڪمت عملي ۽ درست نشانو پڻ ثابت ڪيو. اها ڪاميابي امن جي دشمنن لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياريءَ تي ڪو به سودو نه ڪندو. ھن چيو ته اسان استاد هجڻ جي ناتي نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪرڻ ۽ شعور جا چراغ ٻارڻ جا ذميوار آهيون. وائيس چانسلر چيو ته مودي سرڪار علائقائي امن لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي، عالمي برادريءَ کي ڀارتي جارحيت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ھن چيو ته اسان جو احتجاج ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار پڻ آهي، جيڪي ڀارتي قبضي هيٺ ڏکيا ڏينهن گذاري رهيا آهن. ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ چيو ته يونيورسٽيون رڳو علم جا مرڪز ناهن پر قومي شعور ۽ مزاحمت جا به مورچا آهن. ھن چيو ته اڄوڪي ريليءَ ذريعي اسين پاڪستان جي فوجي قيادت ۽ قومي سلامتي لاءِ سندن عزم تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهيون. ريليءَ ۾ يونيورسٽي جي وڏي انگ ۾ ملازمن، شاگردن، استادن ۽ انتظامي آفيسرن شرڪت ڪئي. وي سي جي خطاب کانپوءِ مظاهرين پرامن نموني ڇڙوڇڙ ٿي ويا.