
سنڌ يونيورسٽي ۽ هيلپنگ هينڊ فار رليف اينڊ ڊولپمينٽ وچ ۾ مفاهمت جي يادادشت تي صحيحون، ٻئي ادارا قدرتي آفتن جي خطرا گهٽتائڻ ۽ ماحولياتي شعور کي اجاگر ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي عابده طاهراڻي سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊيز سينٽر ۽ هيلپنگ هينڊ فار رليف اينڊ ڊولپمينٽ پاڪستان وچ ۾ قدرتي آفتن جي خطرن جي گهٽتائي ۽ ماحولياتي شعور وڌائڻ بابت گڏيل سهڪار لاءِ هڪ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون ويون. سنڌ يونيورسٽي پاران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ۽ هيلپنگ هينڊ فار رليف اينڊ ڊولپمينٽ پاڪستان پاران ڊائريڪٽر امجد محمود امجد معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي سوشل سائنس فئڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊيز سينٽر جي ڊائريڪٽر ۽ پروگرام جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر ارم خوشنود، ڊپٽي ڊائريڪٽر اوريڪ سلمان احمد، ڊاڪٽر نوشين خاصخيلي، علي محمد شاهه ۽ ٻنهي ادارن جا ٻيا نمائندا پڻ موجود هئا۔ معاهدي جو مقصد تعليمي ادارن ۾ استادن ۽ شاگردن کي قدرتي آفتن خلاف متحرڪ ڪرڻ ۽ تربيتي پروگرامن ذريعي خاص طور حيدرآباد جي يونين ڪائونسلن 102، 103، 104 ۽ 105 ۾ آفتن جي خطري جي گھٽتائي بابت سرگرمين کي فروغ ڏيڻ آهي. ايم او يو تحت ٻنهي ادارن وچ ۾ گڏيل ڪوششن ذريعي ڪمزور طبقن کي سگهارو ڪندي موسمي تبديليءَ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ عوامي سطح تي ڪم ڪيو ويندو. ايم او يو موجب سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊيز سينٽر تعليمي مواد، ٽرينر ۽ شاگرد فراهم ڪندو، جيڪي اسڪولن ۾ آفتن کان بچاءَ بابت تربيت، سيفٽي پلاننگ ۽ شعور وڌائڻ واري مهم ۾ حصو وٺندا. سينٽر وڻڪاري مهم به هلائيندو ۽ ضرورت پوڻ تي ٽريننگ سيشن ۽ سيمينار لاءِ هال به فراهم ڪندو. هوڏانهن هيلپنگ هينڊ فار رليف اينڊ ڊولپمينٽ ٽرينرن لاءِ وظيفا، فليڊ ورڪ جي سهولت، لاجسٽڪ مدد ۽ محفوظ ڪم ڪندڙ ماحول فراهم ڪندو. ٻنهي ادارن مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ، گڏيل نگراني ۽ اثرن جي جاچ تي به اتفاق ڪيو آهي.