ڇهون انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ڪنوينشن اينڊ ايڪسپو 2026ع ھلندڙ سال 3 کان 6 مئي تائين اسلام آباد ۾ رٿيل: سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي عالمي شاگرد ڪنوينشن ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت
سنڌ يونيورسٽيءَ جي بيورو آف اسٽئگس طرفان شاگردن کي ڇهين انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ڪنوينشن اينڊ ايڪسپو 2026ع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويئي آھي، جيڪو 3 کان 6 مئي 2026ع تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. ان سلسلي ۾ بيورو آف اسٽيگس پاران جاري ڪيل سرڪيولر موجب پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين جا شاگرد هن عالمي سطح جي تقريب ۾ پنهنجي قابليت، تخليقيت، جدت ۽ علمي مهارتن جو مظاهرو ڪندا. شاگردن لاءِ مختلف مقابلا پڻ منعقد ڪيا ويندا. يونيورسٽي انتظاميا سمورن شعبن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو شاگردن تائين اها ڄاڻ پهچائين، نوٽيس بورڊن ۽ سرڪاري سوشل ميڊيا چئنلن ذريعي سرڪيولر جاري ڪن ۽ دلچسپي رکندڙ شاگردن کي آن لائين رجسٽريشن لاءِ همٿائين. ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻ لاءِ شاگرد آن لائين رجسٽريشن ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته لاڳاپيل شعبن کي پڻ هدايت ڪئي ويئي آهي ته رجسٽرڊ شاگردن جي فهرست يونيورسٽي انتظاميا ڏانهن موڪلي وڃي.