
سنڌ يونيورسٽي پاران 3 اهم هنڌن تي گلدار ۽ ميويدار ٻوٽا لڳائڻ ۽ کجيءَ جي باغ کي وڌائڻ جو فيصلو، ڪئمپس جي خوبصورتيءَ لاءِ صفائي سٿرائيءَ جو عمل وڌيڪ بهتر بنائڻ تي اتفاق: مادر علميءَ کي سرسبز بنائڻ ۽ موسمي اثرن کان بچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ پوکي صفائي سٿرائيءَ جو خيال رکڻو پوندو: وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ جو اظهار
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي جي صدارت هيٺ پلانٽيشن اينڊ بيوٽيفڪيشن ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪئمپس ۾ ٽن اهم جاين تي 2 هزار گلدار، خوشبودار ۽ ميويدار ٻوٽا پوکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪئمپس جي صفائي سٿرائيءَ جو عمل وڌيڪ بهتر بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وائيس چانسلر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پلانٽيشن اينڊ بيوٽيفڪيشن ڪميٽيءَ جي ڪنوينر ۽ انسٽيٽيوٽ آف پلانٽ سائنسز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رابعه اسما ميمڻ، ميمبر ۽ انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر انجنيئر غلام شبير عباسي، انجنيئر مراد علي شاهه، منور علي راڄڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مياواڪي اربن فاريسٽ کي ٻئي مرحلي ۾ وڌايو ويندو. فزيالاجي ڊپارٽمينٽ جي سامهون خالي پيل زمين ۽ وائيس چانسلر روڊ تي واقع فروٽ گارڊ ويجهو 5 هزار گلدار، خوشبودار ۽ ميون مممم ٻوٽا پوکيا ويندا ته جيئن ڪئمپس جي خوبصورتيءَ کي وڌيڪ وڌائي سگهجي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽيءَ ۾ صفائي سٿرائيءَ جي نظام کي به وڌيڪ فعال بڻايو ويندو. لائبريري جي سامهون واري روڊ جي به صفائي ڪرائي اتي ٻوٽا پوکيا ويندا ۽ کجيءَ واري باغ کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو ۽ اتي بهترين کجيءَ جي پيداوار وارا کجيءَ جا وڻ لڳايا ويندا. ان موقعي تي وائيس چانسلر جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي سرسبز بنائڻ ۽ ماحولياتي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ پوکيا ويندا ۽ صفائيءَ جو نظام وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.