
سنڌ يونيورسٽي پاران ‘معرڪه حق’ جي سري هيٺ ٻن هفتن تائين اعلانيل جشنِ آزاديءَ جون تقريبون شروع؛ پهرين ڏينهن حب الوطني ريلي ڪڍي وئي، وائيس چانسيلر پاران ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ آزاديءَ جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٻن هفتن تائين اعلانيل آزادي جي ڏهاڙي جون جشن تقريبون شروع ٿي ويون آهن. تقريبن جي پهرين ڏينهن معرڪه حق جي سري هيٺ شاندار حب الوطني ريلي ڪڍي وئي ۽ وائيس چانسيلر پاران ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو ويو. انتظامي عمارت جي پوئين دروازي کان نڪتل ريلي ۾ شريڪ ڪيترائي آفيسر، استاد ۽ ملازم وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، پي وي سي ٺٽو ڪئمپس پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مارچ ڪندا رهيا. ان دوران هو قومي جهنڊا لهرائيندي پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ زبردست نعرا هڻندا رهيا. ريلي انتظامي عمارت جو چڪر لڳائي مک دروازي وٽ مظاهري ۾ تبديل ٿي وئي. ريلي ۾ شريڪ ملازم قومي جوش ۽ جذبي سان ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابيءَ تي الله جو شڪر ادا ڪيو ۽ پاڪستان ايئر فورس جي بهادراڻين ڪاررواين جي واکاڻ ڪئي. هنن چيو ته پاڪ ڀارت جنگ دوران 3 رافيل جنگي جهازن سميت ڀارت جا 6 جهاز تباهه ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ چيو ته پاڪستان عظيم قربانين کان پوءِ وجود ۾ آيو ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ به هي ملڪ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جهڙين خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. پر تسليءَ جي ڳالهه اها آهي ته اسانجي فوج مضبوط ۽ ملڪي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڊگهي ۽ ڏکي جدوجهد کان پوءِ وجود ۾ آيو. اڄ وري اسان تي لازم آهي ته اسين اتحاد ۽ همت سان اڳتي وڌون. نوجوان نسل تي اعتماد جو اظهار ڪندي وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد سڀاڻي ملڪ جا معمار ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان جو نوجوان طبقو منفي قوتن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. انهن وٽ اهو ويزن موجود آهي، جيڪو ملڪ لاءِ نئين راهه جو تعين ڪري سگهي ٿو. تعليم ئي اهڙو هٿيار آهي، جنهن سان اڄ جي پيچيده مسئلن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. وائيس چانسلر سان گڏ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، پرو وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بي بي قريشي، ڊينز، علمي ۽ انتظامي سربراهه، استاد ۽ عملي جا ميمبر به موجود هئا. بعد ۾ اي سي ٽو جي مک گذرگاهه ويجهو واقع مسجد جي چوطرف وائيس چانسيلر ڊاڪٽر خليل الرمان کمڀاٽي ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو باضابط افتتاح ڪيو. ان موقعي تي آفيسرن، استادن توڙي ملازمن ٻوٽاوکين آيا. وڻڪاري تقريب دوران وائيس چانسلر چيو ته پاڪستان کي گذريل ڪجهه سالن دوران خراب موسمي حالتن وڏي تباهيءَ جو شڪار ڪيو آهي، جنهن جو بهترين حل وڏي پيماني تي وڻ پوکڻ آهي. هن چيو ته شاگردن کان وٺي عملي جي هر ميمبر تائين، هر ڪو هن گڏيل مشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته وڻ پوکڻ سان نه رڳو موسمي تبديليءَ جو مقابلو ڪري سگهبو پر ان سان هوا به صاف ٿيندي ۽ انساني صحت بهتر ٿيندي، جڏهن ته ماحولياتي تحفظ هر شهري جو اخلاقي فرض آهي. واضح رهي ته سنڌ يونيورسٽي جون آزاديءَ جي ڏهاڙي واريون تقريبون ٻن هفتن تائين جاري رهنديون ۽ هر ورڪنگ ڏهاڙي تي ڪا نه ڪا اهم سرگرمي منعقد ٿيندي، جڏهن ته مکيه تقريبون 14 آگسٽ 2025 تي منعقد ٿينديون