
سنڌ يونيورسٽيءَ جي “معرڪهءِ حق” جي تقريبن ۾ حب الوطني جو جوش ۽ جذبو نمايان نظر اچڻ لڳو، انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ ۾ مک تقريب، وائيس چانسلر ۽ ڊي سي ڄامشورو جي شرڪت، اسڪولي شاگردياڻين جي قومي نغمن تي پرفارمنس حاضرين جون دليون موهي ورتيون، يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ڊبيٽ مقابلن ۾ شرڪت، جوشيليون تقريرون ۽ پاڪ فوج کي ڀرپور ڀيٽا پيش
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ملڪ جي آزاديءَ جي جشن جون تقريبون يارهين ڏينهن به حب الوطني جي جوش ۽ جذبي سان جاري رهيون، جن ۾ قومي نغمن تي پرفارمنس، جوشيليون تقريرون ۽ پاڪ فوج کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ سميت ڪيترائي پروگرم ”معرڪوءِ حق“ جي عنوان هيٺ منعقد ڪيا ويا. مرڪزي تقريب انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مينيجمينٽ جي آڊيٽوريم ۾ ٿي، جنهن ۾ سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ۽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ ساگرياڻين شرڪت ڪئي. شاگردياڻيون سبز ۽ اڇي لباس ۾ ملبوس هئا ۽ سندن هٿن ۾ قومي جهنڊا کنيل هئا. ان موقعي تي صدارتي خطاب ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ چيو ته هن سال جي آزادي جي جشن جي تقريبن کي ماضي جي ڀيٽ ۾ منفرد حيثيت حاصل آهي. هن چيو ته پهلگام واقعي کان پوءِ بارت جيڪا جنگ شروع ڪئي، اها اسان جي بهادر فوج دشمن جي سرزمين تي وڃي ختم ڪئي. ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ ٻڌايو ته ڀارت شروع ۾ پنهنجا نقصان مڃڻ کان انڪاري هو پر سي اين اين ۽ بي بي سي جهڙن معتبر عالمي ميڊيا ادارن جڏهن رپورٽ ڪيو ته پاڪستان ايئر فورس جي جوابي ڪارروائي ۾ ڇهه ڀارتي ويڙهاڪ جهاز جن ۾ 3 رافيل به شامل هئا، تباهه ٿي ويا، گڏوگڏ هڪ برگيڊ هيڊڪوارٽر ۽ ٻين اهم تنصيبن کي به تباهه ڪيو ويو، تڏهن دنيا کي پاڻ ئي خبر پئجي ويئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم جنگ دوران اتحاد ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪيو. اسان جي ميڊيا سچائي سان خبرون ڏنيون، جنهن ڪري دنيا انهن خبرن تي اعتبار ڪيو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ڪوڙي پروپيگنڊا هلائيندي رهي، جنهن جو دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن يقين نه ڪيو. وائيس چانسلر زور ڏنو ته “معرڪوءِ حق” جو عنوان صرف ماضي جي فتحن کي ياد ڪرڻ لاءِ نه پر پاڪستان جي خودمختياري جي دفاع جو عهد تجديد ڪرڻ لاءِ آهي. هن چيو ته اسان جو پاڪ فوج سان پيار اسان جي سڃاڻپ جو حصو آهي. اسان جي سپاهين جون قربانيون هر پاڪستاني لاءِ فخر جو سبب آهن. ڊپٽي ڪمشنر شاگردن کي حب الوطني سان گڏ علمي قابليت ۾ به اڳڀرو ٿيڻ جي تلقين ڪئي. ڄامشورو جي ڊپٽي ڪمشنر غضنفر قادري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪاميابي رڳو ميدان جنگ تائين محدود نه هئي. اسان ڀارت کي دنيا جي هر سفارتي محاذ تي شڪست ڏني. هن چيواسان جي فوج اسان کي فخر ڏياريو ۽ جنگ دوران قوم، فوج ۽ ميڊيا هڪ صفحي تي هئا. هن ٻڌايو ته هن سال جو آزادي وارو ڏهاڙو امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي ٻين شهيدن جي چهلم سان گڏ اچي رهيو آهي، تنهنڪري 14 آگسٽ جا پروگرم محدود رکيا ويا آهن، جڏهن ته مک معرڪهءِ حق جون تقريبون 13 آگسٽ تي ٿينديون. هن شاگردن کي محنت سان پڙهائي ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو: ”اڄ جو دور مقابلي جو آهي، توهان کي علم، مهارت ۽ ڪردار سان پاڻ کي ليس ڪرڻو پوندو ته جيئن پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اعلانيل ٻن هفتن تي مشتمل جشن آزاديءَ جي تقريبن جو سلسلو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جاري آهي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سرگرميون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته 13 ۽ 14 آگسٽ تي منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ ڪيترائي شاگرد، استاد ۽ انتظامي آفيسر حصو وٺندا، ڇاڪاڻ ته يونيورسٽي 11 آگسٽ تي اونهاري جي موڪلن کانپوءِ ٻيهر کلي ويئي ۽ اسان جا شاگرد موجود هوندا. سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ڄامشورو جي ڇوڪرين قومي نغمن تي گروپ ڊانس پيش ڪيا، جن ۾ ”شڪريه پاڪستان“ سميت ٻيا نغما شامل هئا، جن تي سامعين طرفان زور دار تاڙيون وڄايون ويون، جڏهن ته ڊي سي ڄامشورو پڻ جوش سان تاڙيون وڄايون. ان کان پوءِ ”معرڪهءِ حق“ جي موضوع تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ مباحثو ٿيو، جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين پرجوش تقريرون پيش ڪيون، جيڪي مهمانن کي ڏاڍيون وڻي ويون. ججن فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي ۽ فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام پهريون انعام پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ماريا، ٻيون انعام انسٽيٽيوٽ آف لا جي عائزه ۽ ٽيون انعام ساڳئي انسٽيٽيوٽ جي وجاهت حسين کي ڏنو. تقريب ۾ پي وي سي مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبد الستار شاهه، فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق احمد ڄاريڪو، انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، بيورو آف اسٽئگس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صنوبر رحمان شيخ، فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊپٽي رجسٽرار (جنرل ۽ ايڊمن) نديم ٻـُٽ، ڊاڪٽر تانيا مشتاق، علي اڪبر کيڙو، ڊاڪٽر عرفان شيخ، ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو، ڊاڪٽر فيصل حيدر شاهه ۽ ٻين استادن ۽ انتظامي عملي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.